لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان انتهائي مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن حڪومت نه وٺون ها ته ناقابل برداشت نقصان ٿئي ها.پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پاليماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته اسان کي 16 مهينن جي حڪومت نه وٺڻ گهرجي ها. جيڪڏهن حڪومت نه وٺون ها ته پاڪستان تي جيڪي اثر پيدا ٿين ها، ان جو ڪو تصور به نه پيو ڪري سگهجي.مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف چيو آهي ته ن ليگ جون خدمتون ختم ڪيون ويون ته ملڪ ۾ بربادي کانسواءِ ڪجهه به نه بچندو.مريم نواز چيو ته سياست ۾ اچڻ جو ڪڏهن به نه سوچيو، نواز شريف مون کي ميڊيا جي حوالي سان ٽاسڪ ڏنو هو، 2017ع ۾ پاناما سازش هئي، نواز شريف خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ٿي چڪا آهن،