ڪراچي (م ڊ) صدر پاڪستان عارف علوي شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ فنڊ ريزينگ جي اجازت گهري ورتي آهي، صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ڪينر جي غريب مريضن جي لاءِ جديد ترين علاج فراهم ڪري رهي آهي، ڪينسر اسپتال جي لاءِ فنڊز جي اجازت نه ملڻ سبب مريضن جي موت جو خدشو آهي، هن چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي ان ڪم جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي، ياد رهي ته اسلام آباد انتظاميا شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي جمعي جي ڏينهن ٿيندڙ فنڊد ريزنگ ايونٽ جو اين او سي منسوخ ڪيو هو.