ڪراچي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) پيپلزپارٽي سان ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ترجمان معظم بٽ ايڊووڪيٽ چيو ته پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي اسان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جنهن ايجنڊا تي پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي ڳالهيون ڪري رهيون آهن اهو ئي ايجنڊا اسان جو به آهي، معظم بٽ ايڊووڪيٽ چيو ته اي اين پي کي گهرجي ته سياسي سطح تي پي ٽي آءِ سان هٿ ملائي، بلاول ڀٽو جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي ممڪن آهي ته سياسي جي فضا قائم ٿئي، پيپلزپارٽي هٿ وڌايو ته اسان تيار آهيون.