ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته ٽڪيٽن جي حوالي سان پريشاني جي ڪا به ڳالهه ناهي، اڃا گهڻا ڏينهن پيا آهن، اسان جي پارٽي ڀرپور طريقي سان ٽڪيٽن جي ورهاست تي ڪم ڪري رهي آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نواز ليگ 2200 کان وڌيڪ اميدوارن جا انٽرويو ڪيا آهن، ٽڪيٽن جو حتمي فيصلو اڃا اعليٰ قيادت مشاورت سان ڪندي، جن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون انهن کانسواءِ باقي اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺندا.
-
شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جا منظر افسوسناڪ آهن:احسن اقبال
لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جيڪا وڏي انقلابي پارٽي بڻجي رهي آهي، ان جون رڙيون نڪري رهيون آهن،نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جا منظر افسوسناڪ آهن.هن چيو ته شاهه محمود قريشي سان اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو هو مزاحمت ڪري رهيو هو، جڏهن ڪو جوابدار مزاحمت ڪندو آهي ته پوليس جو اهڙو رويو هوندو آهي.
-
خواجا آصف پٽ جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي: ريحانه ڊار
سيالڪوٽ ( م ڊ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار جي ماءُ ريحانه امتياز ڊار چيو آهي ته خواجا آصف منهنجي پٽ جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي، جڏهن مون تي تشدد ٿيو، خواجا آصف بچاءَ وارو وزير هو، ڇا هن ڪو ايڪشن ورتو؟ تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار جي ماءُ ريحانه امتياز ڊار پنهنجي وڪيلن سان گڏ سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خواجا آصف پٽ جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، جڏهن عثمان ڊار پريس ڪانفرنس ڪري گهر پهتو ته هو مئل حالت ۾ هو، مان عثمان ڊار جي بيان سان متفق ناهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ويو هو. ريحانه امتياز ڊار چيو ته ريٽرننگ آفيسر کي سمورن الزامن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن، ڪاغذن جي حوالي سان هر عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين ۽ اليڪشن واري ڏينهن ناانصافي جو حساب وٺنداسين.
-
سنڌ سرڪار پاران سيپرا ۾ اي پروڪيورمينٽ سسٽم شروع
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته خريداري جا روايتي طريقا چيلنج آهن جيڪي ڪارڪردگي ۾ رڪاوٽ، لاڳت ۾ واڌ ۽ ڪڏهن ڪڏهن شفافيت تي سمجهوتو ڪري سگهن ٿا تنهن کي نظر ۾ رکندي صوبائي حڪومت درپيش چيلينجز منهن ڏيڻ لاءِ اي-پروڪيورمينٽ سسٽم شروع ڪيو آهي. اي-پروڪيورمنٽ سسٽم جي شروعات سان شفاف ۽ ڊجيٽل طريقن کي لاڳو ڪندي ڪاغذي سسٽم کي محفوظ ۽ موثر انتظام، ڪاغذري ڪارروائي ۽ غلطين کي گهٽائڻ ۽ معلومات تائين رسائي فراهم ڪرڻ آهي.هن اها ڳالهه مقامي هوٽل ۾ ”اي پروڪيورمينٽ سسٽم“ يعني اي-پاڪ ايڪوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم (EPDS) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. پروگرام ۾ وزير قانون ۽ چيئرمين سيپرا عمر سومرو، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وفاقي حڪومت جي سربراهه پيپرا مقبول گوندل، ڊي جي سيپرا زبير پرويز ۽ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. هن چيو ته صوبائي حڪومت جا اعليٰ عملدار ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو اڄ اسان جي ڪارڪردگي، شفافيت ۽ جدت جي هڪ اهم سنگ ميل لاءِ گڏ ٿيا آهن. اي-پروڪيورمنٽ سسٽم جو افتتاح سان هڪ نئين باب جي شروعات ٿي آهي، هڪ جديد پليٽ فارم جيڪو اسان جي پبلڪ پروڪيورمنٽ سسٽم واري عمل ۾ انقلاب آڻيندو. وڏي وزير سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (SPPRA) جي ان قدم کي ساراهيو جنهن کي ورلڊ بئنڪ ۽ فيڊرل پيپرا جي سهڪار سان سهڪار حاصل آهي. وڏي وزير چيو ته ان اقدام جو مقصد سرڪاري خريداري جي عمل ۾ شفافيت، برابري ۽ چٽاڀيٽي کي وڌائڻ آهي. سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (SPPRA) ڪاميابيءَ سان پنهنجو جديد ترين اليڪٽرونڪ پروڪيورمينٽ سسٽم (اي-پروڪيورمينٽ) شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو شفاف ۽ موثر پبلڪ پروڪيورمينٽ جي عمل ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. تقريب ۾ عوامي خريداري جي عملن کي جديد بڻائڻ لاءِ SPRA جي عزم جو مظاهرو ڪيو ويو ته جيئن خريداري جي شفافيت، انصاف ۽ مقابلي کي يقيني بڻائي سگهجي. صوبائي وزير ۽ چيئرمين سيپرا عمر سومرو چيو ته سسٽم موثر ۽ شفاف آهي، هاڻي ڪنهن کي به ٽينڊر فارم نه ملڻ جي شڪايت نه ٿيندي. وڌيڪ چيو ته اصولي طور تي صوبائي حڪومتن کي اي سسٽم لڳائڻ گهرجي ها پر اسان اهو ان وقت لڳايو جڏهن ورلڊ بينڪ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته صوبائي حڪومت کي ڊجيٽل ڪرڻ جي ضرورت آهي. تقريب کان ايم ڊي/ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيپرا زبير پرويز احمد وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اي پروڪيورمينٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ سنڌ ۾ سموري سرڪاري خريداري لاءِ اهم آهي.
-
پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جا ٻن تڪن نامزدگي ڪاغذ رد
سوات ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مراد سعيد جا اين اي 2 ۽ اين اي 4 جي تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي تڪن تان مراد سعيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب مراد سعيد جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض اٿاريا ويا آهن ته اهي اشتهاري آهن ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن.ان کان اڳ نادرا دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي پوليس جي درخواست تي تحريڪ انصاف اڳواڻ مراد سعيد، اعظم سواتي ۽ حماد اظهر سميت 9 مئي ۾ ملوث 18 اشتهارين جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا هئا. جوابدارن جا نالا به نو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
-
خدشو آهي ته نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويندا، درخواست ڏني آهي : حامد خان
اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جو تحريڪ انصاف بابت ناڪاري رويو آهي، اسان کي اليڪشن ڪميشن مان ڪا سٺي جي اميد ناهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي حامد خان چيو ته خدشو آهي ته اسان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويندا، اسان نامزدگي ڪاغذن بابت درخواست ڏني آهي. حامد خان چيو ته پي ٽي آءِ ۽ اميدوارن سان اليڪشن ڪميشن جو رويو جانبداراڻو آهي، اليڪشن ڪميشن اسان کي چونڊ نشان لاءِ به عدالت وڃڻ تي مجبور ڪيو، هي سڀ سازش جو حصو آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته شهباز شريف جمهوريت تي يقين رکي ٿو ته پوءِ پي ٽي آءِ خلاف چونڊون وڙهن، ليول پلينگ فيلڊ ناهي. حامد خان وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ان خوف کان ڪاغذ جمع ڪرايا آهن ته ان سان اسان جي مک اميدوارن کي اليڪشن کان ٻاهر رکيو ويندو.
-
ن ليگ سان لاڳاپو سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان مٿانهون آهي: مصطفيٰ ڪمال
ڪراچي (م ڊ ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو. مسلم ليگ (ن) سان اسان جو لاڳاپو سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان مٿانهون آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان ان ئي روايت کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، جيڪا اسان 16 مهينا حڪومت سان گڏ گذاريا. هن چيو ته اسان جو ايجنڊا سڌارا ۽ آئيني ترميم آهي، ان لاءِ پنجاب ۾ وڏي پارٽي جي ضرورت آهي ۽ پنجاب جي وڏي پارٽي پ پ يا پي ٽي آءِ نه آهي. هن چيو ته معاملو ٻن ٽن ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڳالهيون اڃا جاري آهن ۽ ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، ن ليگ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته شهباز شريف خير سگالي لاءِ ايم ڪيو ايم جي مرڪز ۾ آيو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اين اي 242 تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ڪراچي ۾ به 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي ڪا به پوزيشن نه هئي جڏهن ته 14 سيٽون کين ڏنيون ويون.
-
پنجاب ۾ ڪنهن سان به سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪنداسين: راڻا تنوير
شيخوپوره (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ڪنداسين. شيخوپوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا تنوير حسين چيو ته پنجاب ۾ اسان وٽ سمورن سيٽن تي بهترين اميدوار آهن. هن چيو ته شهباز شريف چونڊ مهم جي شروعات اڄ فاروق آباد ۾ ريلي سان ڪندو. شيخوپوره خوش قسمت آهي جو شهباز شريف چونڊ مهم ۾ پهريون ڀيرو هتي اچي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف 20 ڏينهن تائين سڄي ملڪ مان اميدوارن جا ذاتي انٽرويو ڪيا. 80 سيڪڙو اميدوارن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي باقي هڪ هفتي ۾ فيصلو ڪيو ويندو. راڻا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته تڪن ۾ وڌيڪ اميدوارن سبب مسئلا آهن.