سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان بل بورڊز، بينرز ۽ پوسٽر هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ شهر ۾ عوامي هنڌن  تي لڳل بل بورڊز ۽ هورڊ نگز بابت پابندي خلاف ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي  درخواست کي فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو جيڪو به حڪم  هجي ان تي عمل ڪيو وڃي، عدالت 15 ڏينهن اندر سمورا بل بورڊز، هورڊنگز، بينرز ۽ پوسٽر هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي حوالي سان جيڪا به هدايت ڏني آهي ان تي عمل ڪيو وڃي، ضمني قانون تي اعتراض جي صورت ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ھر هنڌ تان بورڊز ھٽايو، ھر جڳهه تي جهنڊا ئي جھنڊا لڳل آهن، وڪيل جو چوڻ آهي ته جھنڊا ته نه ھئڻ گھرجن، مان به متفق آهيان، چيف جسٽس فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست منظوري ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.