ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي سربراهه ۽ اڳواڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ ايم ڪيو ايم جا سينيئر اڳواڻ انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا. آصف علي زرداري انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي اڳوڻي اڳواڻن انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون به ڪراچي شهر جي ترقي، خوشحالي، امن جي قيام ۽ مفاهمتي ماحول جي حوالي سان چارٽر آف ڪراچي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جا ڪراچي شهر جي مستقبل تي ڏاڍا اثر پوندا. هن ڪراچي جي مستقبل کي دبئي سان تشبيهه ڏيندي وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سڄي دنيا مان ڪراچي ۾ سيڙپڪاري اچي ۽ ڪراچي دبئي جهڙو معاشي حب بڻجي وڃي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي سيڙپڪارن کي ان جي اهم جاگرافيائي حيثيت جي ڪري فائدو ٿيندو.