ملير (ڊ ر) يوسف عارفاڻي ڳوٺ جي ربنواز پاڙي تي لينڊ مافيا پاران قبضي جي ڪوشش، مزاحمت تي سوين ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، گذريل ڏينهن يوسف عارفاڻي ڳوٺ جي ربنواز پاڙي تي لينڊ مافيا پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته مزاحمت تي سوين ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، ڳوٺاڻن جي وڏي انگ کي ڏسندي لينڊ مافيا فرار ٿي ويا، ان موقعي تي ڳوٺ تي چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن اقبال عارفاڻي، جهانزيب عارفاڻي، وڏيرو ربنواز عارفاڻي، ضياءَ ۽ لياقت عارفاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڳوٺاڻن چيو ته بدنام زمانه لينڊ مافيا جو سرگناهه سليم ميمڻ ۽ رفيق مون پنهنجي هٿياربندن ساٿين سميت يوسف ڳوٺ جي ربنواز پاڙي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بااثر لينڊ مافيا پوليس کي ڳري رشوت عيوض 8 کان وڌيڪ موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن سان گڏجي چڙهائي ڪئي ڳوٺ تي قبضي خلاف سوين ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، بااثر لينڊ مافيا ڳوٺاڻن کي آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي پر اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.