ڪراچي ۾ خيما وسندي تي چڙهائي دوران زخمي ٿيل ٻارڙو فوت، سوين ماڻهن جو ڌرڻو

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي جي ناردرن باءِ پاس تي ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ برسات متاثرن کي زبردستي اٿارڻ لاءِ ايم ڊي اي طرفان اينٽي انڪروچمينٽ فورس پوليس ۽ مشينري ساڻ ڪري گھر ڊاھڻ خلاف متاثرن طرفان مزاحمت ڪرڻ تي پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻارڙو سانول بـ فوت ٿي ويو، ناردرن باءِ پاس ڀرسان قائم ڪيل برسات متاثرن جي ٽينٽ ۾ رھندڙ متاثرن کي زبردستي اٿارڻ لاءِ ٻـ ڏينھن اڳ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن طرفان اينٽي انڪروچمينٽ سوين پوليس اٽالا ۽ مشنيري ساڻ ڪري متاثرن کي زبردستي  اٿارڻ سميت گھرن مشينري ذريعي مسمار ڪري ڇڏيو ھو جڏھن تـ مزاحمت ڪرڻ تي پوليس طرفان احتجاج متاثرن مٿان سڌيون گوليون ھلايون ويون ھيون جنھن ۾ ۾ گولي لڳڻ سبب ھڪ معصوم ٻارڙو يونس چانڊيو شھيد ٿي پيو ھو، جڏھن تـ زخمي نينگر سانول ولد عابد حسين بـ زخمن جا سور نـ سھندي جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، ايم ڊي اي عملدارن جي زيادتي ۽ پوليس فائرنگ ۾ قتل ٿيل معصوم نينگرن جي قتل واري واقعي بعد برسات متاثرن سان گڏ مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان پوليس فائرنگ ۾ قتل نينگر يونس چانڊيو جو لاش ناردرن باءِ پاس سنڌ بلوچستان روڊ انڊس ٽائون چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو، ھوڏانھن گلشن معمار ٿاڻي جي پوليس ايم ڊي اي جي عملدار جاويد حسين ولد افتخار جي فرياد تي پوليس الٽو پوليس فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻنھي معصوم نينگرن جو ڪيس وري متاثرن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن مٿان اي ٽي سي سميت مختلف قلمن تحت داخل ڪري ڇڏيو جنھن ۾ گلشن معمار ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ 17 ڄڻن کي جوابدار طور تي نامزد ڪيو ويو آھي جنھن ۾ احمد علي شاھ ڪاظمي اڪبر شاھ ڪاظمي عبدالحڪيم ڇڇر اسماعيل چنو سعد اللـ سپرو خان چانڊيو انور بروھي مظفر مگسي فريد مگسي عبدالنبي چانڊيو دلدار مگسي سميت 200 نامعلوم ماڻھن مٿان فوتي ٻارڙن جي قتل ڪيس سميت ٻين مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ان موقعي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ويٺل متاثرين ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن احمد علي شاھ ڪاظمي ايس اين پي جو مرڪزي وائيس چيرمين رمضان بليدي حميد ڇڇر سنڌ عوامي سٿ جو وائيس چيئرمين رياض کيمٽيو ايس يو پي جي ڊاڪٽر علي نواز گبول رجب لاشاري ستار ڏاھري محبوب کوسو سميت ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ ايم ڊي اي عملدارن سوين پوليس اھلڪار ساڻ ڪري برسات متاثر غريب مسڪين ماڻھن اجھا مشينري ذريعي مسمار ڪري ڇڏيا جڏھن تـ مزاحمت ڪرڻ تي پوليس متاثرين سميت سياسي سماجي ماڻھن مٿان سڌيون گوليون ھلايون جنھن سبب ٻـ معصوم نينگر شھيد ٿي ويا آھن ھنن چيو تـ ايم ڊي اي ۽ پوليس غريب ماڻھن سان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي مگر ايم ڊي اي ۽ پوليس جي ڏاڍ جو نگران حڪومت طرفان ڪو بـ نوٽيس نـ ورتو ويو، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي ايس پي گلشن معمار محمد طاھر ڊي ايس پي منگھو پير عمران ۽ مختيارڪار منگھوپير عبدالحميد کوکر مظاھرين سان ٻـ ڀيرا ڳالھيون ڪرڻ آيا، مطالبا منظور نـ ٿيڻ جي صورت ۾ ڳالھيون ناڪام ويون ۽ مظاھرين طرفان پنھنجو ڌرڻو جاري رکيو ويو.

  • ٻوڏ متاثرن جي خيما وسندي تي حملو افسوسناڪ آهي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) ٻوڏ متاثرن جي خيما بستي تي حڪومتي ادارن طرفان ڪيل حملي جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو پليجو، مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ مير پرويز دائودپوٽو چيو آهي ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، اينٽي انڪروچمينٽ ۽ سنڌ پوليس جي طرفان ٻوڏ متاثرن جي خيما بستي تي ڪيل حملو افسوسناڪ آهي، هي حملو ڪري ملڪ جي حڪمرانن سنڌين جي نسل ڪشي شروع  ڪري ڇڏي آهي، اسين مطالبو ٿا ڪريون ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نينگر يونس چانڊيو جي قتل جو ڪيس ملڪ جي حڪمرانن تي داخل ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ لکين افغاني، بھاري، برمي ۽ ٻيا غير ملڪي رھن ٿا جيڪي پلاٽن ۽ جاين تي قبضا ڪرڻ سان گڏ دھشتگردي ۽ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آھن انھن جي خلاف آپريشن ڪرڻ بدران ڌرتي ڌڻين کي پنھنجن ئي شھرن ۾ بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، سنڌ جي سمورن بي گهر ماڻهن کي سرڪاري زمينن تي پلاٽ ڏئي گهر ٺاهي کين گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.

  • ڪراچي ۾ لکين پرڏيهي ويٺا آهن، ڌرتي ڌڻين کي گوليون هنيون ويون:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن جا گھر ڊاھڻ جي ڪوشش دوران ھڪ متاثر ٻار  جي قتل واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ ايم ڊي اي متاثر ڳوٺاڻن سان ظلم ڪيو آھي، ڪراچي ۾ لکين غير قانوني افغاني ۽ ٻيا پرڏيھي ويٺا آھن، انھن جي نيڪالي لاءِ ڪڏھن به سنجيده آپريشن نه ٿيو آھي پر سنڌي ماڻھن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي، نگران حڪومت پيپلز پارٽي حڪومت جو تسلسل ثابت ٿي آھي، پيپلز پارٽي حڪومت چاھي ھا ته ٻوڏ سبب ڪراچي آيل ڌرتي ڌڻين کي سرڪاري پلاٽ ڏئي مسقتل ڪري ھا، انھن کي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏئي ھا پر افسوس آھي جو ڪراچي ۾ سڄي ملڪ کان ماڻھو اچي رھي سگھن ٿا ۽ سڄي دنيا کان تڙيل ماڻھو اچي پناھون وٺي سگھن ٿا پر سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ئي شھر ۾ رھڻ جو حق ناھي.

  • ناردرن باءِ پاس واقعي جي ايف آءِ آر سليم باجاري مٿان داخل ڪئي وڃي: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊي جو اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو،  رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جي عوام کي ھن ملڪ جي ٺھڻ کان وٺي آزاد ووث جي حق ۽ شفاف اليڪشن کان محروم رکيو ويو آھي جڙتو اليڪشن ۽ جعلي ليڊر شپ پيدا ڪري جھموريت جي توھين ۽ بنيادي انساني حقن جي پامالي جاري رکي وئي آھي، عام چونڊون فراڊ آهن، ناردرن باءِ پاس وٽ سليم باجاري ۽ لينڊ گريبر احمد شاهه طرفان ويھاريل ٻوڏ متاثرن کان پئسا وٺي کين آباد ڪرائي وري پوليس سان ملي کين قتل ڪرايو آھي، قتل ٿيل معصوم نينگر جي خون جي ايف آءِ آر سليم باجاري،  احمد شاهه ۽ پوليس اھلڪارن تي داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.