اسلام آباد ( م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان زيادتي نه پئي ٿئي، پر ان کي وڌيڪ اڀاريو پيو وڃي، جيڪڏهن اها ٻيهر اقتدار ۾ آئي ته ملڪ جي ورهاڱي جو سبب بڻجندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو ته ڀارت کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا، اسان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جو مطالبو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام کي خودمختياري ڏي. فلسطين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته مجاهدن اسرائيل جو غرور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيل جنگي ڏوهن جو مجرم آهي، دنيا ۽ انصاف جي عالمي عدالت کي غزا جي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جي يو آءِ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ۾ رنڊڪ آهي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ حڪومت قائم ڪرائي وئي.