ملڪ جهموريت لاءِ ٺاهيو ويو هو آمريت لاءِ نه : خالد مقبول

ڪراچي ( م ڊ )  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هي ملڪ ملڪ جهموريت لاءِ ٺهيو هو، آمريت لاءِ نه، جاگيرداري نظام خلاف جدوجهد ضروري آهي. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر  خالد مقبول صديقي ليبر ورڪرز کي خطاب ڪندي چيو ته  چونڊن جي سڀ کان وڌيڪ  ضرورت ايم ڪيو ايم کي آهي، گذريل ڀيري شهر جي نمائندگي ڌانڌلي ذريعي کسي وئي،  اليڪشن ذريعي سليڪشن ٿي ته چونڊ نتيجا قبول نه ڪنداسين، هي ملڪ جهموريت لاءِ ٺهيو هو، آمريت لاءِ نه.خالد مقبول صديقي چيو  ته جاگيرداري نظام خلاف جدوجهد ضروري آهي.خواجا اظهار جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ ڪو به وزير اعظم نٿو بڻجي سگهي، ماڻهو چون ٿا ايم ڪيو ايم، ن ليگ سان اتحاد ڪيو آهي، ڪا به پارٽي اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ اليڪشن ناهي وڙهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.