ڪراچي ۾ لياري واسين جو بلوچ نوجوانن جي جبري گمشدگين خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) لياري واسين پاران ماهره بلوچ جي قيادت ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي ماهره بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 11 آگسٽ 2023 تي عبدالله بلوچ، شعيب بلوچ، مظفر بلوچ، عادل بلوچ ۽ زمان بلوچي سادي ڪپڙا پهريل رينجرز اهلڪارن ۽ پوليس وردي پهريل ماڻهن لياري سنگولين کان اڻڄاتل جڳھه تي کڻي ويا، جن جي باري ۾ هن مهل تائين ڪا خبر ناهي پئي. هنن آرمي چيف، نگران وڏي وزير  ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، جيڪڏهن سندن خلاف ڪي ڪيس  آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ بلوچ نصل ڪشي بند ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.