عمران خان چونڊ وڙهڻ چاهي ٿو، آخري بال تائين وڙهنداسين:گوهر خان

 راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان اليڪشن وڙهڻ چاهي  ٿو، سندس هدايت آهي ته هو آخري بال تائين وڙهڻو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته جيڪي ماڻهو پريس ڪانفرنس ڪري چڪا، انهن جي ٽڪيٽن تي غور نه پيا ڪيون. هن چيو ته ٽڪيٽون فائنل ڪري رهيا آهيون، ٻن کان چئن ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو، اسان جي سمورن اڳواڻن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. بئريسٽر گوهر خان الزام لڳائيندي چيو ته هي نگران سيٽ اپ اسان سان زيادتي ڪري رهيو آهي، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پي ٽي آءِ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن شفاف چونڊون ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي مان ڪير به مطمئن ناهي، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ذميواري جو احساس ڪرڻ گهرجي. بئريسٽر گوهر خان مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، پي ٽي آءِ ڪارڪن پرامن رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.