عزيز ڪنگراڻي جي ڪتاب ” سنڌ پَري “ جو مختصر اڀياس

امين جويو

عزيز ڪنگراڻي جو ٻارن لاءِ ڪهاڻين تي ٻڌل هي ڪتاب ، پهريون ڀيرو سال 1999ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪُل ڇهه عدد سبق آموز ڪهاڻيون شامل آهن.  هن ڪتاب جو مهاڳ ، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري اسحاق سميجي صاحب لکيو آهي ، جنهن ۾ هو ليکڪ جو مختصر تعارف ڪرائڻ کان پوءِ لکن ٿا ته ؛ ”سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏن نالي وارن ليکڪن جو ٻاراڻي ادب ڏانهن ، بي مهريءَ وارو رويو آهي ، جنهن کي ٽوڙيندي عزيز ٻارڙن لاءِ ٿورو گهڻو لکندو ئي رهي ٿو.

اڄ جا استاد توڙي والدين سمجهن ٿا ته ، ٻار جو مستقبل فقط انگريزي ۽ سائنس جا سبجيڪٽ پڙهڻ سان ئي بهتر ٿي سگهي ٿو. پر هڪ ٻار لاءِ پنهنجي قوم جي عِلم ۽ ادبَ جي ڄاڻ هجڻ به ايتري ئي اهم ۽ ضروري آهي ، جيتري سائنس ۽ انگريزي ! ڇاڪاڻ ته هر حال ۾ هر فرد پنهنجي قوم جو نمائندو هوندو آهي ۽ دنيا ۾ هر هنڌ ان جي سڃاڻپ جو وڏو حوالو به سندس قوم ئي هوندي آهي. تنهن ڪري هڪ ٻار کي پنهنجي علم، ادب ۽ تاريخ جي ڄاڻ هجڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو سڀاڻي ڪٿي به صحيح نمائندگي جو اهل ٿي سگهي.“

هن ڪتاب جي پهرئين ڪهاڻي جو عنوان ؛ ” ضرب ، ضربا ، ضربو “ آهي . هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ مدرسي جي هڪ معلم جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ نموني سان بيان ڪئي آهي ، جيڪو مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ ٻارڙن سان صحيح نموني پيش نه ايندو آهي ۽ هر وقت کين دڙڪا داٻا ۽ مار ڪُٽ ڪندو رهندو آهي! ان سان گڏ هو اسڪول ۾ عربي ۽ اسلاميات جا سبجيڪٽ به پڙهائيندو آهي. اتي به هو ٻارن سان ساڳئي مدرسي واري اڍنگي رَوِشِ رکندو آهي ۽ ٻارن کان پنهنجا ذاتي ڪم وٺڻ سان گڏ ، کانئن مختلف بهانن سان رشوت به وٺندو آهي ، جيڪو کيس رشوت نه ڏئي ته ان سان ويُر وجهندو آهي ۽ ان کي مار ڪُٽ ڪندو آهي. هيءَ ڪهاڻي مون کي حقيقت جي بلڪل ويجهو لڳي ٿي ۽ اها اڄ به لڳ ڀڳ هر ڳوٺ جي ڪهاڻي آهي!.

ٻي سبق آموز ڪهاڻي جو عُنوان ؛ ” لغڙ “ آهي ، جنهن ۾ ابرار نالي هڪ ڇوڪرو ڏاڍو ڏنگو ۽ حرڪتي آهي ۽ کيس لغڙ اڏائڻ جو شوق جنون جي حد تائين آهي ۽ هو پڙهڻ جي بجاءِ هر وقت ڇت تي پيو لغڙ اڏائيندو آهي. منع ڪرڻ جي باوجود هو ناهي مُڙندو ۽ هڪ ڏينهن اوچتو ڇت تان ڪري پوندو آهي ۽ کيس مٿي ۾ زبرو ڌڪ لڳندو آهي ، تنهن ڪري مٿي مان رت به وهيس ٿو ، مائٽ کيس اسپتال پهچائين ٿا ، جتي کيس هوش اچي ٿو ۽ پوءِ هو ٻيهر لغڙ اڏائڻ کان توبهن ڪري پڙهائي طرف ڌيان ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري ٿو.

ٻارڙن لاءِ ڪهاڻين جي هن ڪتاب جي ٽئين ڪهاڻي جو عنوان ؛ ”پڇتاءُ“ آهي. هن ڪهاڻي ۾ عرفان نالي هڪ ذهين ڇوڪرو هوندو آهي، پر کيس ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جو شوق جنون جي حد تائين شوق هوندو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ هو ڪرڪيٽ جي شوق ۾ ايترو ته غرق ٿي ويندو آهي جو سندس پڙهائيءَ تان ڌيان گهٽجي ويندو آهي. هڪ دفعي هو ڪرڪيٽ کيڏندي سخت زخمي ٿي پوندو آهي ۽ سندس هڪ ٽنگ ناڪارا ٿي ويندي آهي! هوڏانهن وري جڏهن امتحانن جي رزلٽ ايندي آهي ته هو ان ۾ به فيل ٿي ويندو آهي!

چوٿين ڪهاڻي جو عنوان ؛ ” گوسڙو“ آهي ، هن ڪهاڻي ۾ حميد نالي هڪ ذهين ڇوڪري کي ڪلاس ۾ پهريون نمبر اچڻ جي شديد خواهش هوندي آهي پر نتيجو اچڻ تي هو پهريون نمبر نه اچي سگهندو آهي ۽ سندس جاءِ تي مظهر علي نالي هڪ ٻيو ڇوڪرو پهريون نمبر اچي ويندو آهي. مظهر علي کي هڪ استاد ”نورل“ نا انصافي ڪندي پهريون نمبر قرار ڏياري ٿو ، ان کان پوءِ حميد جي دل اسڪول ۽ پڙهائيءَ تان کڄي ويندي آهي ۽ هو گُسائڻ شروع ڪندو آهي. ان تي حميد جو پيءُ اسڪول ۾ وڃي سڄي معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ هيڊ ماستر سان ڳالهائي، استاد نورل جي نا انصافي بابت ڳالهائيندو آهي ، جنهن تي هيڊ ماستر سموري معاملي کي سمجهي ، انصاف ڪندي ڪلاس جي سڀني کان هوشيار شاگرد ”حميد“ کي پهريون نمبر ڏيندو آهي ۽ ڪرپشن ڪندڙ استاد نورل کي نوٽيس ڏيندو آهي. جنهن تي حميد ۽ ان جا والدين تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن ۽ حميد هڪ دفعو ٻيهر شوق سان پڙهڻ شروع ڪندو آهي.

پنجين ڪهاڻي جو عنوان ”روشني“ آهي، جيڪا پڻ اسڪول ۽ شاگردن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ ذهين شاگرد ”منير“ پڙهائيءَ سان گڏ شاگرد سياست به ڪري ٿو.  ڇهين ۽ آخري ڪهاڻي جو عنوان ؛ ”سنڌ پَري“ آهي ، جيڪا هڪ شاندار ڪهاڻي آهي ۽ هن ڪتاب جو نالو پڻ هن ڪهاڻي جي نسبت سان سنڌ پَري رکيو ويو آهي.  هن ڪهاڻي ۾ ”بخشل“ نالي هڪ استاد اسڪول جي ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائيندو رهي ٿو. سندس هڪ ڪهاڻي ؛ ”سنڌ پَري“ هوندي آهي،  جنهن ۾ هوءَ هڪ راڪاس جي چنبي ۾ ڦاٿل هوندي آهي! اهڙي ڳالهه ٻڌڻ تي ڪلاس جو هڪ معصوم شاگرد ”زاهد“ ڪافي متاثر ٿئي ٿو ۽ هو دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري ٿو ته هو”سنڌ پَريءَ“ کي ان راڪاس يا ديوَ جي چنبي مان ضرور آزاد ڪرائيندو. هو ڏينهن رات ، گهر توڙي ٻاهر هر وقت اهو ئي سوچيندو رهي ٿو ته ؛ ”سنڌ پَريءَ“ کي ڪيئن آزاد ڪرائجي!

ائين هو هڪ رات خواب ۾ هڪ اُجڙيل ۽ برباد ٿيل باغ کي ڏسي ٿو ، جتي هو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي به ڏسي ٿو ، جيڪو پنهنجي دنبوري ذريعي ماڻهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل نظر اچي ٿو. زاهد جي پڇڻ تي اهو درويش/ شاهه لطيف ساڻس هن سموري باغ جي وارتا بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي هن باغ کي ”سنڌ ملڪ“ سان تشبيهه ڏيندي کيس سموري سنڌ جي تورايخ ٻڌائي ٿو ۽ سندس سوال ڪرڻ تي اهو درويش يا شاهه لطيف کيس ”سنڌ پريءَ“ بابت پڻ ٻڌائي ته اها ، مورڙي ميربحر جي ڳوٺ ۾ راڪاسن جي قبضي ۾ آهي! اها ڳالهه ٻڌي ننڍڙو ۽ معصوم زاهد ؛  سنڌ پريءَ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ انهن ديون سان وڙهڻ شروع ڪري ٿو ۽ کين لتون ۽ ٺونشا هڻڻ لڳي ٿو ته اتي .. زاهد جي اک کلي پوي ٿي ۽ ان جو اهو خوبصورت خواب ٽٽي پوي ٿو. اهڙي طرح هن آکاڻي جي به اتي ئي پڄاڻي ٿئي ٿي….

هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي ڪهاڻيون شاندار ۽ سبق آموز آهن پر ڪتاب جي آخري ڪهاڻي ؛      ”سنڌ پري“ تمام گهڻي وڻندڙ ۽ دل کي ڇُهندڙ آهي. سو منهنجي خيال ۾ هي مثالي ڪتاب ننڍن توڙي وڏن کي پڙهڻ گهرجي ۽ هنن آکاڻين منجهان سڀني کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.