سياسي ڪارڪنن کي سوچڻو پوندو!

علي رضا نوناري

خاموشي هڪ اهڙي زبان آهي جنهن کي سمجهڻ جي لاءِ ڪنن ۽ اکين جي ضرورت نه پوندي آهي بلڪه ان کي سمجھڻ لاءِ حواسن ۽ رحم واري نظر جي ضرورت پوندي آهي. مٿيان جملا مون ملڪ جي سياسي ڪارڪنن جي لاءِ لکيا آهن جن کي ڪير ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ناهي ڇو جو هن وقت نون ماڻھن کي سامهون آڻي بيهارڻ سبب ملڪ جو پراڻو سياسي ڪارڪن پريشان آهي. عجب ڳالھه آهي ته تشدد به پراڻي ڪارڪن برداشت ڪيو، جيلن جون سختيون به پراڻي ڪارڪن سٺيون، ڏکئي وقت ۾ وفادار به پراڻو ڪارڪن رهيو آهي

پر هاڻي جڏھن اليڪشن جي گهڙي آئي آهي ته اڳواڻن توڙي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي وري اچي نون ڪارڪنن جي فڪرات ورائيندي کين ضرورت پئجي وئي آهي. منھنجي انهيءَ خيال جو سچاهون پاسو 26 تاريخ وارو ن ليگ جو نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل لاهور وارو مرڪزي اجلاس به آهي جنهن ۾ نئين پراڻي واري ڪارڪنن جي شناخت ۽ تڪ طور واري خطاب تي حمزه شهباز ڪاوڙجي پيو. حمزه شهباز ان لاهور واري اجلاس ۾ نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب پارٽي ۾ ڪم ڪندڙ پراڻن ڪارڪنن کي سائيڊ لائين ڪيو پيو وڃي ڪجهھ ان طرف به ڌيان ڏيو ۽ نون ڪارڪنن جون پراڻن مٿان چٿرون به بند ڪرايو هي ته هئي ن ليگ جي اجلاس جي هڪ جهلڪ پر هن وقت ملڪ جي هر پارٽي جي ڪارڪن سان پنهنجي پارٽي اندر اها ئي حالت آهي جيڪا ن ليگ جي اجلاس ۾ ظاھر ٿي پئي آهي.

هن وقت  پ پ هجي يا ق ليگ يا وري جي ڊي اي هجي يا پي ٽي آءِ وغيره وغيره پر سڀني اندر ڪارڪن سان حالت ساڳي ئي آهي. تنهن باوجود ڪارڪن ويچارو اهو پيو چاهي ته جنهن پارٽي ۾ آئون آهيان يا جنهن اڳواڻ کي Follow پيو ڪريان ان جي عزت برقرار رهي، ان جو مورال بلند رهي جنهن ۾ منهنجي به عزت آهي ۽ سچي هجڻ تي مونکي داد به ملندو. پر ان ڪارڪن ڪڏھن اهو سوچيو ئي ناهي ته سندس جي پارٽي اندر حيثيت هڪ  رانديڪي واري آهي جيڪو هلندو رهندو ته اهي سياسي هٿ ان سان کيڏندا رهندا، ان مان پنهنجو ڪم وٺندا رهندا پر جيڪڏھن اهو پراڻو( ڪمزور ) ٿي ويندو آهي ته اهي کيڏڻ وارا هٿ وري هڪ نئون Toy وٺي کيڏندا آهن ڇو ته کيڏڻ جو مزو وٺندڙ هٿ ان کيڏ واري راند جا عادي هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت منھنجي ڪيل سروي مطابق سنڌ اندر پراڻن ڪارڪنن جون دانھون ٻڌڻ ۾ پيون اچن ته اسين سينيئر ورڪر آهيون اسان جي عزت ڪئي وڃي. ان دانهن باوجود به ڪجهھ جواب نه ملڻ تي گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ڪارڪن کي سوچڻو پوندو سمجهڻو پوندو ته آيا منهنجي حيثيت ڪيتري ۽ منهنجو حق ڪهڙو آهي. جيڪڏھن اڃا به  ڪارڪن نه سوچيو ته پوءِ سندس کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هي بيروزگاري، بدامني، بنيادي مسئلن جو حل نه ٿيڻ، پاڻي، بجلي، گئس جي لوڊشيڊنگ وارا مسئلا سندس جو مقدر بڻيل ئي رهندا ايترو ئي نه سندس جون دانهون به ساڳيون جاري رهنديون.

مان سمجهان ٿو ته ڪجھ خانداني عوام دوست سياستدان منهنجي هن مضمون کي غور هيٺ آڻي پنهنجي پراڻن ڪارڪنن جي عزت ڪندا. باقي موروثي سياست ڪندڙ سياستدان پيءُ، پٽ، ڀيڻ ڀاءُ، چاچا، ماما سندن جي مقدر کي هٿرادو منڌيئنڙا گهمائيندا رهندا. انهن تي به ڪارڪن کي ئي سوچڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.