اسرائيلي فورسز مرڪزي غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن جي ڪيمپن تي بمباري ڪئي آھي ۽ ان سان گڏ ئي ماڻھن کي اھو علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.ٻئي پاسي زميني حقيقت ھي آھي تھ غزه جي 85 سيڪڙو آبادي اڳ ئي بي گهر ٿي چڪي آهي. چوطرف گھيري ۾ آيل غزا جي مختصر پٽي تي بمباري ظاهر ڪري ٿي ته اسرائيل زميني حملي جو ٽيون مرحلو شروع ڪرڻ وارو آهي.هن نئين فوجي آپريشن ۾ وڌيڪ تباهي ۽ فلسطينين جي، بي گھر ٿيڻ جي نئين لهر پئدا ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسرائيلي فوجون اتر غزا ۽ خان يونس جي ڏاکڻي شهرن ۾ اڳ ۾ ئي ويڙهه ۾ مصروف آهن. انهن علائقن مان بي گهر ٿيل فلسطينين لاءِ اڳ ۾ ئي بلڪل ٿوري گنجائش بچي آهي.
شهرين جي موت ۾ گهٽتائي ۽ جنگبندي لاءِ بين الاقوامي دٻاءُ جي مطالبن جي باوجود اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو ٻيهر اعلان ڪيو آھي تھ غزه ۾ جنگ ختم ٿيڻ کان گھڻو پري ٿي وئي آهي. غزه تي اسرائيل جو حملو تاريخ جي سڀ کان تباهي واري فوجي مهم ثابت ٿي آهي.
غزه ۾ صحت واري وزارت موجب اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 21 هزار فلسطيني مارجي ويا آهن، جن مان ٻه ڀاڱي ٽيون عورتون ۽ ٻارڙا آھن. ان دوران ڪيترن ئي اسرائيلي جنگي جهازن غزا ۾ 100 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو. حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 ماڻهو مارجي ويا، حماس جي ڪنٽرول واري صحت جي وزارت مطابق اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو فوجين سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حملن ۾ اضافو ڪيو ويندو.
حماس 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملو ڪيو ھو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1200 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 240 کي اغوا ڪيو ويو ھو.
ٻئي پاسي اھڙا اشارا ملي رھيا آهن ته حماس ۽ اسرائيل جي جنگ سڄي علائقي ۾ ڇڪتان کي ھوا ڏئي رھي آھي.جنھن سان جنگ جي دائري وڌڻ جو خطرو پئدا ٿي ويو آھي. شام ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ هڪ ايراني جنرل مارجي ويو آهي ۽ ايران جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي.
ان کانسواءِ آمريڪي فورسز عراق ۾ ايران نواز مليشيا کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي بچاءَ واري وزير لائڊ آسٽن موجب آمريڪي فورسز ايران جي حمايت يافته ويڙهاڪ گروپ ڪتائب حزب الله سان لاڳاپيل گروپن جي ٽن هنڌن تي حملا ڪيا آهن.
آمريڪي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اهي ڪارروايون عراق ۽ شام ۾ آمريڪي فوجين خلاف انهن ويڙهاڪن جي حملن جي جواب ۾ ڪيون ويون. هن خاص طور تي اتر عراق م ڪرد خودمختيار علائقي اربيل جي ھوائي اڏي تي حملي جو حوالو ڏنو.جتي ٽي آمريڪي فوجي زخمي ٿيا.اهڙي طرح لڳ ڀڳ روزانو حزب الله ۽ اسرائيلي فوجون لبنان جي سرحد تي ميزائل، هوائي حملا ڪنديون رهيون ٿيون.
ويڙهاڪ گروپ حماس اسرائيل سان عارضي جنگبندي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي. حماس عارضي جنگبندي بدران مستقل جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. حماس جو بيان ان رپورٽن کانپوءِ آيو آهي ته مصر غزه جنگ جي مرحليوار خاتمي لاءِ نئين تجويز پيش ڪئي آهي، جنهن تي اسرائيلي عملدار بحث ڪري رهيا آهن. تجويز ۾ 14 ڏينهن جي جنگ بندي پڻ شامل آهي. ٻئي طرف اسرائيل جي جنگي ڪابينا اڳ ۾ ئي فيبروري تائين غزه ۾جنگ جي رٿابندي ڪئي آهي.
گڏيل قومن مرڪزي غزه پٽي تي اسرائيل جي مسلسل بمباري تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪئي آهي. گڏيل قومن اسرائيلي فورسز تي زور ڏنو آهي ته هو شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. گڏيل قومن جي انساني حقن جي ترجمان سيف مگنگو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي اسرائيلي فورسز طرفان مرڪزي غزه تي مسلسل بمباري تي سخت ڳڻتي آهي. مورا حملا عالمي انساني حقن جي اصولن جي مطابق هجڻ گهرجن.