سرمائيداري نظام، ڌرتي تي زندگي جو قاتل آ

انور پنھور

برطانوي ماحولياتي گروپ آئيس ڪور موجب گذريل 8-لک سالن جي عرصي ۾ زمين جي گرمي جو درجو ساڳيو رهيو آهي، پر گذريل 150 سالن کان گرمي جي درجي ۾ واڌ ٿيڻ شروع ٿي آهي. جنهن جو سبب سرمائيداري نظام هيٺ ڌرتي جي وسيلن جو غلط استعمال ڪرڻ آهي.

آءِ پي سي سي جي 2021ع واري پيش ڪيل رپورٽ جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي  100 سائنسدانن حصو ورتو هو.) ان ۾ چيو ويو آهي ته صنعتي انقلاب شروع ٿيڻ کان پوءِ زمين جي گرمي جو درجو وڌڻ شروع ٿيو آهي ۽ اهو اضافو 1.1 سينٽي گريڊ تي پهتو آهي. جنهن ڪري هتي موسمياتي تبديلي هر ڏهن سالن کان پوءِ اچڻ شروع ٿي هئي. جڏهن ته صنعتي انقلاب کان اڳ اها موسمياتي تبديلي هر 50 سالن کان پوءِ ايندي هئي. پر ايندڙ ٻن ڏهاڪن اندر ان گرمي جي درجي ۾ 1،5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن سان هلندڙ موسمياتي عمل ۾ وڌيڪ بگاڙ پيدا ٿيندو  ۽  اها موسمياتي تبديلي هر ڏهن سالن جي بدران هر پنجين سال ۾ ٿيندي. جڏهن ته هلندڙ صدي جي خاتمي تائين ان گرمي  جي درجي ۾ 2.1 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جنهن سان اها موسمياتي تبديلي هر سال ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن ۾ ڌرتي جي سموري زندگي جنهن ۾ انسان، جانور، پکي ۽ وڻ ٻوٽا شامل آهن، انهن سڀني جي نسل ڪشي ٿيڻ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

دنيا جي سمورن سائنسدانن طرفان ماحوليات جي تباهه ٿيڻ جو اهم ڪارڻ 1859ع ۾ انٽرنل ڪمبشن انجڻ کي قرار ڏنو آهي. جنهن ۾ فاسل فيول (پئٽرول، ڊيزل تيل ۽ گئس وغيره) ٻرندو آهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس خارج ٿيندي آهي. جنهن سان ڌرتي جي فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ گئس جو گڏ ٿيڻ جو عمل جاري آهي. هڪ ليٽر تيل جي سڙڻ سان 2.5 ڪلوگرام ڪاربان ڊاءِ گيس  پيدا ٿئي ٿي. هن وقت 89 ملين بيرل تيل روزانو ٻري ٿو. يعني  3 ڪروڙ 60 لک ڪلوگرام ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ روزانو فضا ۾ خارج ٿئي ٿي. جڏهن ته هڪ ٽن ڪوئلو ساڙڻ سان 2.86 ٽن  ڪاربان ڊاءِ گئس پيدا ٿئي ٿي. ان حساب سان 40 ارب ٽن ساليانو خارج ٿيڻ جو عمل جاري آهي. جڏهن ته انٽرگورنمينٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج پاران پڻ اهڙي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس پيدا ٿيڻ جي پڻ تصديق ڪندي چيو آهي، ته صنعتي انقلاب کان وٺي هن وقت تائين 500 ارب ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو فضا ۾ اضافو ٿي چڪو آهي.

سائنسدانن موجب فضا ۾ گرين هائوس گيسز جو 65 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ تي ٻڌل آهي. جيڪو پيٽرول ۽ ڪوئلي جي سبب پيدا ٿيو آهي. جڏهن ته باقي حصو ايئرڪنڊيشنن ۽ ريفريجريٽرن ۾ استعمال ٿيندڙ ميٿين گيس جو آهي، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس جي ڀيٽ ۾ 84 سيڪڙو وڌيڪ ماحول کي گرم رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي .

صنعتي انقلاب کان اڳ فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار 280  پي پي ايم (Parts per million) هو، جيڪو 1960ع وڌي 310 پي پي ايم ٿي ويو ۽ اهو 2021ع ۾ 407 پي پي ايم تائين پهچي چڪو آهي. ماحولياتي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو اهو مقدار جيڪڏهن 500 پي پي ايم کان وڌي ويو، ته ڌرتي تي زندگي جي نشو نما غير موزون بڻجي ويندي.

سرمائيدارن جي طرفان دولت ڪمائڻ واري حوس جي ڪري  ڌرتي جي فضا کي صاف رکندڙ جهنگل ۽ ٻيلا ختم ڪيا پيا وڃن. هن وقت دنيا جي  70 ملڪن مان ٻيلا مڪمل طور تي ختم ڪيا ويا آهن. آمريڪا ۾ 95 سيڪڙو پراڻا ٻيلا ختم ڪيا ويا آهن. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ 30 سيڪڙو ٻيلا هئا جيڪي ڪٽجي ڪٽجي ۽ گهٽجي صرف 3 سيڪڙو بچيا آهن. دنيا جي ڪل آڪسيجن جو 20 سيڪڙو پيدا ڪندڙ برازيل جو مشهور ٻيلو ايمازون گذرندڙ وقت جي هر سيڪنڊ ۾ ڏيڍ ايڪڙ ايراضي طور ڪٽجي رهيو آهي.

اقوام متحده جي ماحولياتي پروگرام (UNEP) موجب گرين هائوس گيسن کان پوءِ ماحول کي خراب ڪرڻ وارو ٻيو وڏو خطرو پلاسٽڪ جي گدلاڻ کي قرار ڏنو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته پلاسٽڪ نه صرف زمين ۽ پاڻي کي گندو ڪري رهي آهي، پر هوا کي پڻ گندو ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. گارڊين اخبار جي رپورٽ موجب دنيا ۾ هر سال تقريبن 5 ارب پلاسٽڪ بوتلون وڪرو ٿين ٿيون  ۽ انهن ۾ وقت گذرڻ سان اضافو ٿيندو رهي ٿو. 2016ع ۾ 480 ارب بوتلن جو وزن زمين تي موجود هو. جيڪڏهن پلاسٽڪ جي انهي ڪچري کي هڪ ڍير ۾ تبديل ڪجي، ته ان جو اڌ سج تائين جي فاصلي وارو منارو ٺهي ويندو. ان سان گڏ 50 لکن کان هڪ ڪروڙ تائين ٽن پلاسٽڪ هر سال سمنڊ ۾ پوي ٿي. انديشو ڏيکاريو ويو آهي ته 2050ع تائين پلاسٽڪ جو وزن سمنڊ ۾ موجود مڇين جي وزن کان وڌي ويندو. جيڪڏهن ڪجھه اصلاح پسندن جو اهو چوڻ ته پلاسٽڪ ري سائيڪل ٿئي ٿي، ته ان جو صاف مطلب اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته اها ري سائيڪل ٿي وري به واپس زمين تي ئي موجود رهي ٿي ۽ ان سان خطرو نه ٿو ٽري.

پلاسٽڪ جي هن پکيڙ سبب هڪ طرف انسانن ۾ ڪينسر ، جانورن ۾ انيڪ بيماريون ۽ وڻن ۽ فصلن لاءِ هاڃيڪار نقصان پيدا ٿي رهيو آهي. هن پيٽروڪيميڪل مان ٺاهي ويندڙ پلاسٽڪ جي عمر هزارين سالن تي ٻڌل آهي، پر جيڪڏهن اها پلاسٽڪ ڀنگ مان بنائي وڃي، ته اها خود به خود ختم ٿي ويندي. پر ان ڀنگ مان پلاسٽڪ ٺاهڻ ۾ وڏي رڪاوٽ دنيا جون وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن. ڇاڪاڻ ڀنگ مان پلاسٽڪ ٺهڻ سان انهن ڪمپنين جي نفعي جي شرح گهٽجي ويندي.

هن پلاسٽڪ جي گدلاڻ سان پاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ الرجي جيڪا پاڻي جي جاندارن لاءِ آڪسيجن پيدا ڪندي آهي، ان جو خاتمو ٿي رهيو آهي.  پلاسٽڪ جي گدلاڻ جي ڪري پوک لائق زرعي زمين پڻ  بنجر بڻجي رهي آهي.

دنيا جو 75 سيڪڙو سامونڊي کارو  پاڻي پيئڻ جي لائق نه آهي ۽ خشڪي تي به صرف 2.5 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لائق آهي. سال ۾ 10 ارب ٽن پاڻي استعمال ٿئي ٿو، ان جي باوجود 1.4 ارب انسان صاف پاڻي پيئڻ کان محروم آهن.

ٽوينٽي يونيورسٽي هالينڊ طرفان 1996ع کان 2005ع تائين ڪيل ريسرچ مطابق 92 سيڪڙو پاڻي زراعت لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

سائنسدانن موجب زمين جي فضا سان ماحولياتي گدلاڻ جو ٻيو وڏو خطرو سمنڊ جي تباهي جو آهي. ڇاڪاڻ ته سمنڊ اسان جي ماحول کي بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سمنڊ پاڻي جي سائيڪل کي برسات جي صورت ۾ ريگيوليٽ ڪندو آهي ۽ گرمي کي برساتن وسيلي ڪنٽرول ڪندو آهي. سمنڊ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جزب پڻ ڪندو آهي. سن 2002ع کان 2011ع تائين دنيا ۾ پيدا ٿيل سموري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو 28 سيڪڙو مقدار سمنڊ پاڻ ۾ جزب ڪري، اسان جي ماحول کي بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو ساليانو مقدار 30 ملين ٽن بڻجي ٿو.

هلندڙ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.