وچ اوڀر جنگ: چين مدد لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران ايران، اردن، لبنان ۽ عراق لاءِ هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
چيني پرڏيهي وزارت موجب امداد جو مقصد متاثر عوام جون ڏکيائيون گهٽ ڪرڻ آهي، چين خطي ۾ انساني بحران تي ڳڻتي ۽ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو.
چيني پرڏيهي وزارت چيو ته چين جنگبندي ۽ خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو، خطي ۾ وڌندڙ انساني بحران کي روڪڻ عالمي ترجيح هجڻ گهرجي، ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي مسئلن جو واحد حل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.