”زال هميشه ڌرتي تي پير کوڙي رهڻ سيکاريو آهي، مان گهر ۾ سوريا ڪمار يادَو ناهيان هوندو“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو چيو آهي ته سندس ٽيم جو مقصد 2026 وارو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾، خاص طو تي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کٽڻ هو، جتي 2023 واري ون ڊي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست ملي هئي.
پنهنجي هڪ بيان سوريا ڪمار يادَو چيو ته 2024 وارو ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم (جنهن جي قيادت روهت شرما ڪئي هئي ۽ جنهن ۾اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ۽آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا شامل هئا) وڌيڪ تجربيڪار هئي، جڏهن ته 2026 واري ٽيم ۾ جذبو وڌيڪ هو پر تجربو گهٽ.
هن چيو ته نوجوان رانديگرن کي اهو سمجهائڻ ضروري هو ته ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ کٽڻ جو احساس ڪيترو وڏو هوندو آهي، جتي هزارين تماشائي اسٽيڊيم ۾ توهان کي سپورٽ ڪن ٿا.
هن چيو ته ”ڪو به هار پسند نٿو ڪري، مان به هر ميچ کٽڻ چاهيان ٿو.“
سوريا ڪمار يادَو جو چوڻ هو ته سندس گهرواري کيس هميشه زمين سان جڙيل رهڻ سيکاريو آهي، هوءَ چوندي آهي ته ” گهر توهان سوريا ڪمار يادَو نه آهيو، عام ماڻهو بڻجي رهو.“
هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون ننڍيون ڳالهيون ئي زندگيءَ ۾ وڏو فرق آڻين ٿيون ۽ انسان کي متوازن بڻائين ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.