آپريشن غضب للحق: پاڪستان جا ڪابل ۽ ننگر هار تي وڌيڪ فضائي حملا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان آپريشن غضب للحق تحت سومر جي رات افغانستان تي فضائي حملا ڪيا، جنهن ۾ طالبان حڪومت جي انهن عسڪري جاين کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيون هيون.
اڱاري جي صبح ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ عطاءُ الله تارڙ لکيو ته ڪابل ۾ ٻن جاين تي حملا ڪيا ويا، جنهن ۾ ٽيڪنيڪل سپورٽ جي انفرا اسٽرڪچر ۽ گولي بارود جي ذخيرن کي تباهه ڪيو ويو، حملن کانپوءِ انهن ئي جاين تي ٿيندڙ ڌماڪا نشاندهي ڪن ٿا ته اتي گولي بارود جو وڏو ذخيرو موجود هو.
هن چيو ته ننگر هار ۾ به طالبان حڪومت جي انهن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جن کي دهشتگردي جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ لاجسٽڪس، گولي بارود ۽ ٻئي ٽيڪنيڪي انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.