اردن ۽ گڏيل عرب امارتن جي اڳواڻن پنهنجي ملڪن تي ايراني حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته نه عرب ملڪن جنگ شروع ڪئي ۽ نه ايران خلاف جنگ ۾ شامل آهن.
اردن جي سرڪاري خابرو اداري موجب گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ اردن جي شاهه عبدالله چيو ته نار سهڪار ڪائونسل ۽ ٻيا عرب ملڪ بحران کي قابو ۾ رکڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
اماراتي خابرو اداري موجب هنن چيو ته خطي ۾ جاري ايراني جارحيت عرب ملڪن جي خود مختياري، عالمي قانون ۽ ٻين اصولن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اهو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.
ٻنهي اڳواڻن فوجي ڇڪتاڻ فوري طور روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
جنگ جو حصو ناهيان، ايراني جارحيت عالمي امن لاءِ خطرو آهي: اردن جي شاهه ۽ اماراتي صدر جو بيان
You might also like