ممبئي (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور اداڪار هاويئر بارڊيم 98هين اڪيڊمي ايوارڊز جي تقريب دوران” جنگ نامنظور ۽ فلسطين کي آزاد ڪيو“ جو نعرو هڻڻ کانپوءِ سموري دنيا جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي.
هسپانوي اداڪار هاويئر بارڊيم ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا سان گڏ اسٽيج تي موجود هو، جتي ٻنهي کي ڊولبي ٿيٽر ۾ بهترين بين الاقوامي فيچر فلم جو ايوارڊ پيش ڪرڻو هو.
ان موقعي تي پنهنجي تقرير جي شروعات ڪندي بارڊيم ”نو ٽو وار ۽ فري فلسطين” جو نعرو هنيو، جنهن تي هال زوردار تاڙين سان گونجڻ لڳو.
اداڪار جي ڪوٽ تي ٻه بيجز پڻ لڳل هئا، جن مان هڪ جنگ جي مخالفت ۽ ٻيو فلسطين جي حمايت ۾ هو، جنهن ذريعي سندس پيغام وڌيڪ واضح ٿي ويو، جڏهن ته پريانڪا چوپڙا مرڪندي ۽ ڪنڌ لوڏيندي نظر آئي پر هو خاموش رهي.
ان تقريب جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدارن طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا.
ڪجهه واهپيدارن بارڊيم جي بهادري کي ساراهيو، جڏهن ته ڪيئي واهپيدارن پريانڪا چوپڙا جي خاموشي تي سوال اُٿاريا.
واهپيدارن تنقيد ڪندي چيو ته ”هڪ عالمي شخصيت ۽ انساني همدردي سان واڳيل هئڻ باوجود پريانڪا جو اهڙي اهم معاملي تي واضح موقف سامهون نه اچڻ حيران ڪندڙ آهي.“
ڪيترن ئي واهپيدارن لکيو ته ” پريانڪا 2006 کان يونيسف سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ 2016 ۾ خير سگالي جي سفير پڻ مقرر ٿي، تنهنڪري هن مان وڌيڪ واضح ردعمل جي اميد ڪئي پئي وئي.
ياد رهي ته بارڊيم ماضي ۾ به غزا جي صورتحال تي به پنهنجي چٽي موقف جو اظهار ڪندو رهيو آهي ۽ عالمي سطح مسئلي جي حل لاءِ جوڳا قدم کڻڻ مطالبو ڪندو رهيو آهي.
آسڪر ايوارڊز تقريب ۾ فلسطين جي آزادي جا نعرا، پريانڪا چوپڙا جي واتان لفظ نه نڪتو، تنقيد
You might also like