پاڪستان جي معيشت ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي؟ 

راشد علي ڀرڳڙي 

ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. هر آئي ڏينھن ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌندي پئي وڃي. رپورٽن موجب هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 29.23  سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي.

ملڪ جي ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر مهيني  مهانگائي جي شرح وڌيڪ وڌندي پئي وڃي. هن وقت اها  شرح  29.23  سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گذريل ڪجهه وقت کان وٺي عام ماڻهو جي واهپي ۾ ايندڙ ضرورت جي هر بنياد شئي ٽيڻ تي مهانگي ٿي آهي. هر روز شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ انهن وڌندڙ شين جي قيمتن تي ڪنٽرول نه ٿو ٿئي.

وڌندڙ مهانگائي خلاف عوام ڪيترائي دفعا  احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ان جو ڪو به اثر نه ٿي سگهيو آهي. جيڪي غريب ۽ مسڪين ماڻهن آهن انهن کان  جئيڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. غريبن ۽ مسڪينن جو حڪمرانن کي ڪو به احساس نه رهيو آهي ۽ حڪمران هر روز آءِ ايم ايف جي نون شرطن کي قبول ڪري رهيا آهن. انهن آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري اسان جي ملڪ ۾ روز مهانگائي جو طوفان رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي. ان جا ڪارڻ ۽ سبب ڪهڙا آهن؟ جو اسان کي هر ڀيري آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو ٿو پوي؟ اسان گهٽ ۾ گهٽ 30 دفعا آءِ ايم ايف کان قرض وٺي چڪا آهيون، ان جا هيٺيان سبب آهن جو اسان کي بار بار آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻو ٿو پوي.

1 . اسان وٽ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي جو  اسان جي ملڪ ۾ معاشي پاليسين ۾ ( consistency) ناهي، ڇو جو هڪ حڪومت اچي ٿي ته اها پاليسي ڏئي ٿئي ته ان حڪومت مدو پورو ٿئي ڪونه ٿو ته  مٿان مخالفتن جي حڪومت اچي وڃي ٿي ۽ اها وري پنهنجيون پالسيون  کڻي اچي ٿي، اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اسان جي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري آهي. جيڪڏهن اسان جي سياسي پارٽين جو پاڻ ۾ اتحاد هجي ها ته شايد اسان کي هن وقت اهڙين حالتن کي منهن نه ڏيڻو پوي ها.

  1. ٻيو اسان وٽ جيڪي به ڪمپنيون آهن State – owne Enterprises آهن. جنهن جي معني آهي ته جيڪي ڪمپنيون آهن ان جي  مالڪ رياست هجي. جئين اسان جي ملڪ جي واپڊا جو ادارو، اسٽيل مل ٿي وئي، پي آئي اي ٿي وئي جئين ريلوي ٿي وئي اهي سڀ ڪمپنيون ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ بدران  ملڪ کي نقصان ڏئي رهيون آهن. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب ته 8 سالن ۾ اسٽيل مل 18 ارب ڊالر جو نقصان ڏئي چڪي  آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ڪمپنين کي هلائڻ وارا پروفيشنل  ماڻهو ناهن هنن ڪمپنين کي هلائڻ وارا يا ته بيوروڪريٽ آهن يان واري اسان جا سياستدان آهن. جيڪڏهن انهن ڪمپنين کي هلائڻ وارا ماڻهو پروفيشنل هجن ته شايد هي اسان جي ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون.

جيڪڏهن انهن ڪمپنين کي ڪنهن پروفيشنل ماڻهن کي نه ڏنيون ويون ته اهي هر سال اربين  روپين جو نقصان ڏينديون رهينديون.

3 . جڏهن کان وٺي اسان جي ملڪ جو بنياد پيو آهي تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ملڪ ۾  ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ تي ڪم نه ڪيو ويو آهي. اسان جو ملڪ شروعات کان وٺي امپورٽ معشيت رهيا آهيون. شروع کان اسان  پنهنجي  ملڪ جي معشيت کي ايڪسپورٽ  ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي . جنهن جي ڪري اسان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي معشيت بهتر نه ڪري سگهيا آهيون جيڪڏهن پنهنجي معشيت کي بهتر ڪرڻو آهي ته اسان کي ايڪسپورٽ تي ڪم ڪرڻو پوندو.

جيڪي به ملڪ ترقي ڪري چڪا آهن انهن پنهنجي معشيت کي بهتر ڪرڻ لاءِ انهن ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ تي ڪم ڪيو آهي ان جي ڪري اهي ملڪ ترقي آفتا بڻجي ويا ۽ انهن پنهنجي معشيت کي وڌايو.

جيڪڏهن اسان کي پنهنجي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻو آهي ته پهريان اسان جا سياستدان  ملڪ لاءِ هڪ بهترين پاليسين تي ڪم ڪن جيڪڏھن ملڪ ۾ هڪ ئي پاليسي ٿي وئي ته شايد اسان جو ملڪ به ترقي واري رستي تي هلي سگهي ٿو ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ اسان جي سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي اچڻو پوندو ۽ انهن کي ڪا هڪ گڏيل پاليسي جوڙڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.