بلوچ لانگ مارچ، انساني حقن جي لتاڙ ۽ ميڊيا جو رويو

 يوسف عجب

بلوچستان محرومي، سياسي بحران ۽ انساني حقن جي لتاڙ سان گڏ ٻن ڏهاڪن کان انساني حقن جي سانحي يا المئي جو شڪار آهي، يقيني طور  اهو بحران بلوچ سياسي،سماجي،صحافتي،ادبي شخصيتن ۽ استادن جي جبري گمشدگي آهي.بلڪه بعد ۾ انھن جي چچريل لاشن جو ملڻ آھي.

 انھن ڏوھاري ڪاررواين خلاف وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز جو احتجاجي ڪئمپ پنج هزار کان وڌيڪ ڏينهن کان جاري آهي.جن جو چوڻ آھي ته هن وقت تائين هزارين بلوچ جبري طور گم ڪيا ويا آهن ۽ اھو انگ بھ وڌي رهيو آهي. تازو اڀريل احتجاجي تحريڪ به بلوچن جي جبري گمشدگين ۽ بعد ۾ انھن جي عدالت کان مٿاھين قتل جي ھڪ ڪڙي خلاف آھي.جنهن ۾ تربت ۾ ٿيل تازو بالاچ بلوچ جو واقعو هڪ نمايان حوالو آهي.

بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جو تربت سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪرين خلاف احتجاج ۽ تربت کان اسلام آباد تائين  رياستي جبر خلاف بلوچن جو ھڪ زبان بڻجي احتجاج  ھڪ موثر آواز بڻيو آھي.  ھي تحريڪ نه صرف بلوچ عوام کي متحد ڪرڻ جو سبب بڻي آهي بلڪھ انهن تي ٿيندڙ جبر  ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪرڻ جو به سبب بڻجي رھي آهي.

 ڪنھن بھ تحريڪ کي وڌيڪ اثرائتو رکڻ لاءِ جديد ميڊيا جي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگھجي.جيتوڻيڪ هر علائقي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي اڳتي وڌڻ ۽ پنھنجي احتجاج کي جاري رکڻ لاءِ ڪافي تڪليفون پيش آيون، پر ڪجھھ بلوچ صحافتي ادارن کان سواءِ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪردار جانبداري وارو رهيو ۽ خاص ڪري مين اسٽريم ميڊيا ۾ اھا جاءِ نھ ڏني وئي جيڪو مارچ لھڻي ٿو. مٿان وري ڪمال اھو تھ اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي ميمبرن ۽ ان سان گڏ آيل بلوچ نوجوانن کي جنھن ريت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو. اھو سڀ وسارڻ جوڳو نھ آھي.

 انهن سمورن واقعن کانپوءِ به ڪجھه صحافين کانسواءِ اسلام آباد ۽ مرڪز ۾ موجود صحافتي ادارن غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو. اسلام آباد سان گڏوگڏ صحافتي ادارن ۽ صحافين جي غير سنجيدگي ۽ بلوچن سان منافقي وارو رويو اڄ جي ڳالهه ناهي.گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ ماھ رنگ بلوچ سان غريدھ فاروقي ۽ ھڪ ٻي خاتون صحافي جيڪو انداز اختيار ڪيو آھي. اھو نھ رڳو صحافتي اخلاقيات جي جي ابتڙ آھي پر اھو ڪنھن کان انٽرويو ڪرڻ جوڪو صحافتي انداز بھ نھ آھي. ھنن جي اهڙي انداز مان اھو ڪنھن ملزم کان جاچ  وارو رويو وڌيڪ لڳي رھيو ھو. اهو چئي سگهون ٿا ته اهو هڪ خاص ذهنيت جي ڊڪٽيشن کانسواءِ ڪجھھ بھ نھ ھو.

 لڳ ڀڳ ڏهه سال اڳ بھ غريده فاروقي جي سوچ ساڳي ھئي ۽ لڳو ھو تھ اھا مئن اسٽريم ميڊيا جو  بلوچستان جي حوالي سان  رويو تبديل ڪرڻ گهري ٿي.ھڪڙي غريدھ فاروقي نھ پر مين اسٽريم ميڊيا جا ڪافي صحافي ۽ انھن جا ادارا بلوچستان جي حوالي سان وڌيڪ تنگ نظري جو شڪار ٿي رھيا آھن.

انهن کي بلوچستان جا وسيلا ته نظر اچن ٿا، پر ظلم، ڏاڍ، غربت ۽ ناانصافي جو شڪار بلوچ نظر نه ٿا اچن.

 10 سال اڳ ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ گم ٿيل بلوچن جي بازيابي لاءِ پيادل لانگ مارچ کي به ائين ئي نظرانداز ڪيو ويو ھو. لانگ مارچ ٻارن، مردن، عورتن ۽ ڪمزور ماڻهن سان گڏ پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رھيو، پر صحافين جا طنزيه ۽ بلوچ مخالف سوال  انھن جي ذهنيت کي ظاهر ڪندا رهيا.

  ان وچ ۾ فرزانه مجيد ۽ هاڻي ماه رنگ بلوچ کان پڇيل سوال هڪ ئي انداز جا آهن، جنهن مان اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بلوچن جي حوالي سان ميڊيا جي روش ۾ اڄ به  ڪا گهٽتائي نه آئي آهي ۽ اڄ به صحافت جهڙي مقدس پيشي کي منافقي جي طريقي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۽ جنهن به غير جانبدار صحافت اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان کي جبري گمشدگي يا موت جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن جا واضح مثال پاڪستان ۾ درجنين صحافين جو قتل ۽ چاليهه کان وڌيڪ بلوچ صحافين جو عدالت کان مٿاھون قتل يا ٽارگيٽ ڪلنگ آھي.

 صحافت جهڙي مقدس پيشي کي جھڙي ريت بدنام ڪيو ويو آهي،اھڙو مثال ھن خطي کان سواءِ دنيا ۾ گهٽ ملي ٿو. هڪ قلمڪار يا صحافي کي مظلوم جو آواز بڻجڻ گهرجي ۽ غيرجانبداريءَ سان انصاف جي فراھمي کي آسان بڻائڻ گهرجي.ڪنھن بھ ريت پنھنجي مفادن جو اوزار بڻجي حقيقتن تي پردو نھ وجھڻ گھرجي.اھڙو عمل  انساني حقن جي  لتاڙ جو سبب بڻجي ٿو. ھئڻ ائين گهرجي ها ته مظلوم بلوچ عورتن، بيگناهه بلوچن ۽ اڇي ڏاڙھي وارن بزرگن  سان انصاف ٿئي ها ۽ انھن کي ٻڌو وڃي ھا،پر ايئن نھ ٿيو ۽ اھو سڀ ڪجھ بھ بلوچ عوام جي حق ۾ بھتر ٿيو، جو ان عمل سان انھن کي اسلام آباد مان وڌيڪ اميد رکڻ جو موقعو نه ملندو.ان سان گڏوگڏ جانبدار ۽ منافقي ۾ ورتل صحافت هڪ ڀيرو وري  دنيا جي سامهون پڌري ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.