پ پ جو منشور ۽ عوام جي اميد

ملڪ ۾ چونڊن جو ماحول جڙي پيو. ھر ڌر اقتدار تائين پھچڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. ان وچ ۾ شايد پاڪستان پيپلزپارٽي پھرين جماعت ھوندي،جنھن پنھنجي چونڊ منشور جو اعلان ڪيو آھي.چونڊ منشور جو مطلب اھو ھوندو آھي تھ جيڪڏھن اھا جماعت اقتدار ۾ آئي تھ اھي ڪھڙا ڪم ڪندي ان تي ٻڌل نڪتن يا پروگرامن کي منشور چيو وڃي ٿو.

اھا ٻي ڳالھه آھي تھ منشور ڏيندڙ جماعت جڏھن اقتدار ۾ اچي ٿي تھ اھڙا وعدا اڪثر وساري ٿي ڇڏي.پر ھن ڀيري اھا اميد ڪجي ٿي تھ پاڪستان پيپلزپارٽي جو نوجوان اڳواڻ پنھنجي ڏنل منشور تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ منشور جو اعلان ڪندي عوام سان 10 واعدا ڪيا آهن. ڳڙهي خدابخش ۾ بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي اقتدار ۾ آئي ته هر پاڪستاني جي آمدني ٻيڻي ڪرڻ جو پروگرام ڏيندي. جنهن تي 5 سالن ۾ عمل ٿيندو.ٻيو،  300 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي، پاڪستان پيپلز پارٽي بُک جي پاڙ پٽڻ جو پروگرام شروع ڪندي، هر ڊويزن ۾ ”يوٿ سينٽر“ ٺاهياويندا، هارين لاءِ بينظير انڪم سپورٽ وانگر ”هاري ڪارڊ“ ڏينداسين جڏهن مزدورن لاءِ ”منفرد ليبر ڪارڊ“ ٺاھينداسين.

بلاول چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ واڌ ڪئي ويندي، سڄي ملڪ ۾ مفت علاج جو نظام ٺاهينداسين، حڪومت ٺهندي ته غريبن لاءِ 30 لک گهر ٺاهينداسين، هر ٻار کي تعليم جي سهولت ملندي.  پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اڄ به ڪجهه ماڻهو ٻين جي ڪلهن تي ويهي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام 8 فيبروري تي تير جي نشان سان ميڊيا تي ٿيندڙ ڊرامي جو جواب ڏيندو، پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪري رهيا آهن.

جيتوڻيڪ ذڪر ڪيل منشور ۾ شامل نڪتا اھم آھن پر اھي اڃان اڻپورا آھن، عين ممڪن ھجي تھ سامھون آيل پوائنٽس کانسواءِ بھ عوام جي ڀلائي جو پروگرام پارٽي وٽ ھوندو،جيڪو بھ جلد سامھون ايندو.

دراصل ھن ملڪ جي سياسي جماعتن عوام اھڙي قسم جا وعدا گھڻا ئي ڪيا آھن پر انھن تي عمل نھ ٿيڻ ڪري ھر ڀيري ماڻھون مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ٿا وڃن.پر جئين تھ بلاول ڀٽو زرداري ھڪ ملڪ جو نوجوان سياسي اڳواڻ آھي ۽ ھو پھريون ڀيرو عام ماڻھون سان اھڙو ڪو واعدو ڪري رھيو آھي ان ڪري اھا توقع ڪجي ٿي تھ سندس جماعت اقتدار ۾ اچي انھن وعدن ۽ عوام جي مسئلن  کي نھ وساريندي.جنھن سان ئي سماجي ۾ ڪنھن حد تائين بھتري جي اميد آھي.

ملڪ ۾ ھن وقت سڀني کان اھم مسئلو معيشت جو آھي. جنھن ۾ بيروزگاري، ھاري جا مسئلا،غربت سان گڏ عوام جي صحت ۽ تعليم آھن.انھن کي بھتر ڪرڻ سان ڪافي بھتري جي ممڪن ٿي سگھي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.