ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) چونڊ ماحول سرگرم ٿيندي ئي ڪراچيءَ ۾ سياسي ماحول سرگرم ٿي ويو آهي.
ڪراچي ۾ صوبائي تڪ پي ايس 107 لياري ۽ پي ايس 125 فيڊرل بي ايريا تي تحريڪ علماء اسلام جو باني سوفي جميل الرحمٰن چونڊ وڙهندو، لياري واري تڪ تي چونڊون دلچسپ بڻيل آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي پيپلزپارٽي جو وڏو ووٽ بينڪ آهي ته ٻي طرف هڙني مذهبي جماعتن جي اتحاد جو باني لياري واري تڪ تي چونڊون وڙهڻ لاءِ سرگرم آهي.
ان سلسلي ۾ تحريڪ علماءِ اسلام جي باني حضرت صوفي محمد جميل الرحمان خاني اڄ جماعت سان ٿيل مشاورت جي تفصيلن کان آگاهي ڏيندي چيو آهي ته جماعت جو نالو تحريڪ علماءِ اسلام آهي. اسلام جنهن ۾ ديوبند جماعت، اهل سنت والجماعت، اهل شيعه، اهل الحديث، تمام مذهبي جماعتون ۽ سڀئي فرقا شامل هوندا.
هن چيو ته پارٽي جو نشان قلم هوندو، قلم جو مطلب آهي عالم پنهنجي علم سان هر هنڌ امن پکيڙيندا ڇو ته رسول الله ﷺ تي پهرين وحي جبرئيل امين اقرا جي لفظن سان نازل ڪئي هئي ۽ اقرا معنيٰ پڙهو، سنت نبوي صلي الله عليه وآله وسلم تي عمل ڪندي جماعت جو نشان قلمبند ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جماعت جو جهنڊو ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پرچم ۾ اڇو ۽ ڪارو رنگ علماء ديو بند جي نمائندگي ڪن ٿا، رنگ سائو اهل سنت بريلوي ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ ٽيون رنگ اڇو امن ۽ اقليتي برادري جي نمائندگي ڪري ٿو جڏهن ته نعلين مبارڪ اسان جي سڀني سرن جو تاج آهي.