شيائومي بجليءَ تي هلندڙ گاڏي متعارف ڪرائي ڇڏي

چيني ڪمپني شيائومي پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ گاڏي متعارف ڪرائي ڇڏي.
چيني ڪمپني پاران اها گاڏي ٽيسلا جي مقابلي ۾ چين ۾ پيش ڪئي وئي آهي.
ان گاڏيءَ جي تياري تي ڪمپني هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالرز کانوڌيڪ ڪرچ ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان ان تي ڪم پيو وڃي.
ان کي شيائومي ايس يو 7 جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اها چين ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندي.
ڪمپني جي سي اِي او اولي جون هڪ ايونٽ ۾ ان گاڏيءَ جو اعلان ڪيو، پر اڃا ان جي قيمت ظاهرنه ڪئي وئي آهي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته اسان جي ڪمپني اليڪٽرڪ گاڏي جي مارڪيٽ ليڊر جي طور تي ڪم ڪندي.
هن چيو ته گاڏي اينڊرائڊ سان گڏوگڏ ايپل آءِ فون، آءِ پيڊ، ڪارپلي ۽ ايئرپلي سان هڪجهڙائي رکي ٿي.
سندس چوڻ هو ته ڪمپني پاران واهپيدارن جي ڊيٽا جي پرائيويسي جو خيال رکيو ويو آهي.
اها گاڏي ٻن مختلف ماڊلز ۾ دستياب هوندي، جن مان هڪ ماڊل سنگل چارج تي 668 ڪلوميٽرن تائين سفر ڪري سگھبو جڏهن ته ٻي گاڏي تي سنگل چارج تي 800 ڪلوميٽرز تائين سفر ڪرڻ ممڪن هوندو.
ڪمپني موجب ان گاڏي کي تيز چارج ڪرڻ ممڪن هوندو جڏهن ته ان جي سپر اليڪٽرڪ موٽر ٽيڪنالاجي گاڏي جي رفتار وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
چيني ڪمپني گاڏي کي وقت متعارف ڪرايو آهي جڏهن چين ۾ اليڪٽرڪ گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپنين وچ ۾ مقابلو وڌي رهيو آهي.
ان گاڏي جي پراڊڪشن چين جي سرڪاري BAIC گروپ جي فيڪٽري ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.