ڪارونجهر ڪيس،معدنيات واري نگران وزير ۽ ٻين خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت درخواست داخل

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر ڪيس،معدنيات واري نگران وزير،اي سي ۽ مختيارڪار خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل، معدنيات واري نگران صوبائي وزير مير خدا بخش مري پاران ڪارونجهر  جو دورو ڪري عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وڪيل شنڪر ميگهواڙ پاران صوبائي وزير مير خدا بخش مري، مختيارڪار ننگرپارڪر محمد اڪرم سومرو، ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن ننگرپارڪر علي اصغر جروار مٿان ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، وڪيل شنڪر ميگهواڙ تازو ڪارونجهر جو دورو ڪندڙ صوبائي وزير معدنيات مير خدابخش مري خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي، وڪيل شنڪر ميگهواڙ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جي نيلامي بابت سختي سان منع ڪئي هئي،عدالت پابندي لاڳو ڪندي واضع ڪيو هو ته ڪارونجهر جي ڇيڙڇاڙ نه ڪئي وڃي، عدالتي حُڪمن جي باوجود معدنيات واري صوبائي وزير عدالتي حُڪمن جي توهين ڪئي آهي،صوبائي وزير،اي سي ننگرپارڪر ۽ مختيارڪار ڪارونجهر کي ڪورڻ لاءِ دوري ڪيو آهي ۽ وزير احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون آهن،نگران حڪومت کي ڪو به حق ناهي ته هُو وسيلا نيلام ڪري،نگران سرڪار زوري زبردستي ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ تي بضد آهي،اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي، انشاءُ الله ڪارروائي ٿيندي.

سنڌ ۾ ڪلاڪ ٽاور بحال ڪرڻ، تاريخي ماڳن جي بحالي ۽ واڌاري لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سنگل بئنچ سنڌ جي تاريخي ماڳن جي حفاظت ۽ سياحتي سرگرمين کيوڌائڻ وارو معاملي ۾ثقافت کاتي کي اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيا، عدالت سکر، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ڪلاڪ ٽاور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ثقافتي ورثو محفوظ ڪرڻ سان تعليمي، ماحولياتي ۽ مالي فائدا ٿيندا.جسٽس صلاح الدين پنھور وڌيڪ چيو ته سياحتي ۽ ثقافتي جڳهن جي بهتر سار سنڀال ۽ انهن کي محفوظ بڻائڻ سان سياحت ۾ اضافو ٿيندو، عدالت تاريخي ماڳن جي بحالي ۽ واڌاري لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪميٽي پرڏيهي سياحن کي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت پنهنجون تجويزون ڏي، عدالت چيو ته ڪميٽي ثقافت کاتي ۾ 17 گريڊ جي ڀرتين جو معيار به طئي ڪري، سياحن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي پي حڪومت جي طرز تي سنڌ ۾ به ٽورازم فورس جوڙي وڃي، تاريخي ماڳن جي معلومات لاءِ ٽوئر گائيڊز ڀرتي ڪري انھن کي ٽن مھينن ۾ تربيت ڏني وڃي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ثقافت کاتي پاران موهن جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، ڀنڀور، روهڙي جبل بابت معلومات مهيا ڪرڻ جا جديد طريقا متعارف ڪرايا وڃن، جيڪڏھن ڪلاڪ ٽاورز جي چوڌاري ڪي به حددخليون آهن ته ٻن مهينن اندر انھن کي هٽايو وڃي، عدالت نوٽيفڪشن سان گڏ قديم آثارن وارين عمارتن جي فهرست به طلب ڪري ورتي آهي، عدالت ڀنڀور سميت 10 تاريخي هنڌن تي انفارميشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالتي حُڪمن جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ٿيڻ جا امڪان

مٺي:عدالتي حُڪمن جي ڀڃڪڙي تي سخت  ڪاروائي ٿيڻ جا امڪان، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪرڻ جو حُڪم ڏنو هو،هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ڪارونجهر مان هڪ پٿر به کڻڻ خلاف ڪاروائي جي هدايت ڪئي هئي،جنهن بعد ضلعي انتظاميا کان لکرائي ورتو ويو هو ته ڪارونجهر جي ڇيڙڇاڙ نه ڪئي ويندي، جنهن بعد حڪومت اُهو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو هو، سپريم ڪورٽ پاران به اسٽي برقرار رکڻ باوجود نگران وزير مير خدابخش مري داداگيري سان ڪارونجهر کي ڪورڻ پهتو هو ۽ پنهنجي دوري دوران هن احتجاج ڪندڙن کي ملڪ دشمن به قرار ڏنو هو،توهين عدالت جي داخل ڪرايل درخواست تي وڏي ڪاروائي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

قانون تي يقين رکندڙ ماڻهو آهيون، قانون جي مطابق قدم کڻنداسين: شنڪر ميگهواڙ

مٺي: توهين عدالت جي درخواست سڀني پھلوئن کان وزنائتي ۽ قانون جي مطابق، وڪيل شنڪر ميگهواڙ چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ،ايس ايڇ او ۽ معدنيات کاتي جي لوڪل انتظاميه عدالت کي لکي ڏئي وئي آهي ته هي رڻ ڪڇ وائلڊ لائيف گيم سينچري ۽ پروٽيڪٽڊ ھيريٽيج سائيٽ آهي، هن جي مائيننگ،ٽوڙڦوڙ يا اورانگهڻ منع ٿيل آهي، وائلڊ لائيف قانون 2020ع جي شق 8 ۾ اها واضع آهي ته منع ٿيل ايريا ۾ نٿو وڃي سگهجي،اسان قانون تي يقين رکندڙ ماڻهو آهيون ۽ قانون جي مطابق قدم کڻنداسين.

ڪجهه شرپسندن سبب عوام وسيلن جي فائدن کان محروم آهي: خدابخش مري

 ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) نگران وزير معدنيات ميرخدابخش مري ڇيو آھي ته سنڌ معدني وسيلن کان مالا مال آھي سنڌ ۾ گئس، پيٽرول، ڪوئلو، گرينائٽ پٿر جا جبلن سميت ٻيا قيمتي معدنيات موجود آھن جنهن سان سنڌ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ شاهوڪار صوبو آھي پر چند شرپسند ۽ مفاد پرست ماڻھن جي ڪري ٿر جي غريب عوام پنهنجن معدني وسيلن جي فائدن کان محروم آھي ۽ غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن اهڙن خيالن جو اظھار هن درگاه ديوانون شاهه جي جي خادم فقير دلشاد علي دلبر المعروف مستانا بابا پاران سندس اعزاز ۾ رکيل تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ڪارونجهر جبل کي ڪمرشلائيز ڪري ٿر جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏنيون، هن چيو  ته ٿر سميت سنڌ ۾ وڏو معدني زخيرو هجڻ باوجود ٿر ۾ ماڻھو بک ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون پيا ڪن پر هتي پٿر ڪڍي ترقي ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتون روڊ، رستا ٺاھڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون ٿيون وڃن ۽ پٿر ڪڍڻ کي به قومي نقصان سڏيو ٿو وڃي، چند شرپسندن جي مخالفت سبب ٿر واسين کي ڪاروجهر جبل جي اثاثن مان حق نه پيو ملي پر نگران حڪومت مختصر وقت ۾ سنڌ ۾ انقلابي قدم کڻڻ سان  ٿر واسين کي حق ڏيندي.

نگران سرڪار به ڪارونجهر جبل کي ڪورڻ لاءِ ڏينهن رات سازشون ڪري پئي: سنڌ انڊيجينيئس الائينس

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ انڊيجينيئس الائينس جي اڳواڻن ڪامريڊ ابيرا اشفاق، حفيظ بلوچ، ايڊووڪيٽ عمران ڪلمتي، اختر ڪلمتي، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر ۽ شبر احمد جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارونجهر  ڪيس جي پيروي ڪندڙ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر، سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو سان ملاقات، ڪارونجهر ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ پيروي ڪرڻ لاءِ اجلاس، سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ سنڌ انڊيجينيئس الائينس توڙي سنڌ جي وڪيلن پاران ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ ڌر ٿيڻ جو فيصلو، اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته اڳوڻي سنڌ حڪومت توڙي موجوده سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ ورثو ڪارونجهر جبل کي ڪورڻ لاءِ ڏينهن رات سازشون ڪري رهي آهي، جيڪا نه صرف سنڌي قوم سان دشمني آهي بلڪه ثقافت، تاريخ، جنگلي جيوت توڙي ماحوليات سان پڻ دشمني آهي جيڪا عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جبل کي ڪنهن به قسم جي ڪٽائي کان منع نامون جاري ڪندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪيل تاريخي فيصلي کي مائيننگ ڪمپنين جي چرچ تي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي ۽ چند روپين جي رشوت خاطر سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ ڪارونجهر جبل کي هن ڌرتي تان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ سانڀاھ پيا ڪيا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارونجهر جبل جي بچاءُ لاءِ قانوني ويڙھ ۽ سهڪار جي دائري کي وڌائڻ لاءِ سنڌ جي وڪيلن توڙي سنڌ انڊيجينيئس الائينس پاران سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ ڌر ٿي  قانوني جنگ کي مضبوط ڪيو ويندو  ۽ ثقافتي ورثا توڙي جنگلي جيوت ۽ ماحوليات کي بچائيندڙ عالمي ادارن سان پڻ رابطا ڪري ثقافت، تاريخ، جنگلي جيوت ۽ ماحوليات جي دشمن ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ هن سنڌ حڪومت کي وائکو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.