ڳالهين واري ڪميٽي جي سفارش تي وڌيڪ 34 بلوچ مظاهرين آزاد

اسلام آباد ( م ڊ ) حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي سفارش تي وڌيڪ 34 بلوچ مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب گرفتار  بلوچ احتجاج ڪندڙن کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.  ڳالهين جي پهرين ڏينهن رابطا ڪميٽي گرفتار عورتن ۽ ٻارن جي فوري آزادي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ان کان اڳ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڊاڪٽر ظهير بلوچ کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي دوران پوليس مظاهرين کي نئون اسپيڪر آڻڻ کان روڪي ڇڏيو. ڌرڻي ۾ نئون اسپيڪر آڻڻ کان روڪڻ تي بلوچ ساليڊيئرٽي ڪميٽي جي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ايمپلي فائر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسپيڪر ڪجهه ڏينهن اڳ نقاب پوش اڻڄاتل ماڻهو کڻي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.