دنيا ۾ پهريون ڀيرو 100 ارب ڊالرز جي مالڪ بڻجندڙ عورت

دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت 100 ارب ڊالرز کان وڌيڪ دولت جي مالڪ بڻجي وئي آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب فران سان واسطو رکندڙ فرانڪوئس بيٽن ڪورٽ ميئرس جا اثاثا 100 ارب ڊالرز کان وڌي ويا آهن ۽ هوءَ پهرين عورت آهي جيڪا ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
دنيا جي هڪ مشهور ترين ميڪ اپ برانڊ ڪمپني جي مالڪ فراڪوئس بيٽن ڪورٽ دنيا جي 12 هين امير ترين شخصيت آهي ۽ پهريون ڀيرو سندس اثاثا 100 ارب ڊالرز تائين پهتا آهن.
سندس ڪمپني جي شيئرز جي ماليت ۾ 2023ع دوران 35 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن مان اشارو ملي ٿو ته ڪورونا وبا کان پوءِ هڪ ڀيرو وري شاهاڻين شين تي پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي.
70 ورهين جي فرانڪوئس بيٽن ڪورڊ جي پيءُ L’Oréal گروپ آف ڪمپنيز جو بنياد رکيو هو ۽ هو پنهنجي پيءُ ماءُ جي اڪيلي اولاد هئي.
2017ع ۾ هن جي ماءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس ڪمپني جا 33 سيڪڙو شيرز ۽ ٻيا اثاثا ملي ويا هئا.
هاڻي هوءَ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪاسميٽڪ ڪمپني جي وائيس چيئرپرسن آهي.
جيتوڻيڪ سندس اثاثا 100 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪا آهن پر دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ جي ڀيٽ ۾ گھڻا گھٽ نظر اچي رهيا آهن جيڪو 232 ارب ڊالرز جو مالڪ آهي.
فرانڪوئس ڪورٽ ميئرس ڪاروبار سان گڏوگڏ لکڻ به پسند ڪندي آهي ۽ هيل تائين مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکي چڪي آهي.
هن 1984 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.