ڊالر جي طاقت ۽ جنگ جي قيمت

تحرير: عامر حسين ميراڻي

 ڪيئن آمريڪا مهانگيون جنگيون برداشت ڪري ٿو ۽ ڇو ايران جا حملا نسبتاً سستا آهن؟  جديد دور ۾ جنگ صرف فوجي طاقت جو مقابلو نه رهي آهي؛ اها معاشي طاقت، عالمي مالياتي نظام، ۽ ٽيڪنالاجي جي مقابلي ۾ به بدلجي چڪي آهي. جڏهن آمريڪا ۽ ايران جهڙن ملڪن جي وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ٿي ته هڪ اهم سوال سامهون اچي ٿو: ڇو ايران جا ميزائل يا ڊرون نسبتاً سستا هوندا آهن، جڏهن ته آمريڪا کي انهن کي روڪڻ لاءِ لکين يا ڪروڙين ڊالر خرچ ڪرڻا پوندا آهن؟ ان کان به وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اهڙن مهانگن خرچن باوجود آمريڪا ڊگهي عرصي تائين جنگ جاري رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

هن تضاد کي سمجهڻ لاءِ جنگ جي معاشيات ۽ عالمي مالياتي نظام کي سمجهڻ ضروري آهي. جنگ جي قيمت بابت تازيون رپورٽون ٻڌائن ٿيون ته جديد هٿيارن جو استعمال انتهائي مهانگو آهي. ڪجهه اندازن مطابق آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوجي ڪاررواين جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي اربين ڊالر خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. رپورٽن موجب صرف جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ آمريڪا لڳ ڀڳ 5.6 ارب ڊالر جا هٿيار ۽ ميزائل استعمال ڪيا. ساڳئي وقت ڪجهه اندازن مطابق جنگ جي ابتدائي هفتي دوران خرچ 11 ارب ڊالر کان وڌيڪ تائين پهچي ويو. اهڙيون رپورٽون ڏيکارين ٿيون ته جديد جنگين ۾ خرچ انتهائي تيزي سان وڌي سگهي ٿو.

جنگ جي مهانگي ٿيڻ جو وڏو سبب جديد دفاعي ٽيڪنالاجي آهي. مثال طور آمريڪا جي فضائي دفاعي نظام ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه ميزائلن جي قيمت انتهائي وڌيڪ آهي. هڪ Patriot interceptor missile جي قيمت تقريباً 3 کان 4 ملين ڊالر تائين ٻڌائي وڃي ٿي. اهڙي طرح THAAD interceptor ميزائل جي قيمت لڳ ڀڳ 12 کان 15 ملين ڊالر تائين ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته Tomahawk cruise missile جي قيمت تقريباً 1.5 کان 2 ملين ڊالر تائين ٻڌائي ويندي آهي. جڏهن دشمن هڪ ئي وقت ڪيترائي ميزائل يا ڊرون فائر ڪري ٿو ته انهن کي روڪڻ لاءِ دفاعي نظام کي ڪيترائي interceptor استعمال ڪرڻا پوندا آهن، جنهن سان خرچ تيزي سان وڌي وڃي ٿو.

ان جي مقابلي ۾ ايران جي فوجي حڪمت عملي مختلف آهي. ايران مهانگي ۽ محدود ٽيڪنالاجي بدران سستا پر وڏي تعداد ۾ هٿيار استعمال ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. مثال طور ڪجهه اندازن مطابق ايران جا Shahed ڊرون تقريباً 20 هزار کان 50 هزار ڊالر تائين تيار ٿي سگهن ٿا. ڪجهه بيلسٽڪ ميزائلن جي قيمت پڻ آمريڪي دفاعي ميزائلن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ٻڌائي وڃي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته جيڪڏهن هڪ سستو ڊرون يا ميزائل فائر ڪيو وڃي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ملين ڊالر جي ميزائل استعمال ڪئي وڃي ته دفاعي خرچ حملي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. فوجي ۽ معاشي ماهر هن صورتحال کي جنگي معاشيات ۾ “cost asymmetry” يعني خرچن جي عدم توازن جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته حملي ڪندڙ ملڪ گهٽ خرچ سان اهڙو حملو ڪري سگهي ٿو جنهن کي روڪڻ لاءِ دفاع ڪندڙ ملڪ کي گهڻو وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوي. جديد ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ گهٽ قيمت وارا ميزائل هن حڪمت عملي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهيا آهن.

پر سوال اڃا به برقرار رهي ٿو ته جيڪڏهن دفاع ايترو مهانگو آهي ته پوءِ آمريڪا اهڙيون جنگيون ڪيئن برداشت ڪري ٿو؟ ان جو جواب صرف فوجي طاقت ۾ نه پر عالمي مالياتي نظام ۾ لڪل آهي. آمريڪا کي عالمي معاشيات ۾ هڪ منفرد حيثيت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ڊالر دنيا جي بنيادي reserve currency طور استعمال ٿيندو آهي. عالمي واپار جو وڏو حصو، خاص طور تي توانائي ۽ تيل جي خريد و فروخت، اڃا تائين ڊالر ۾ ڪئي ويندي آهي. دنيا جا ڪيترائي مرڪزي بئنڪ پڻ پنهنجا زرِ مبادله جا ذخيرا وڏي حد تائين ڊالر ۾ رکندا آهن.

اقتصادي ماهر هن صورتحال کي “Exorbitant Privilege” جو نالو ڏين ٿا. هن اصطلاح جو مطلب اهو آهي ته آمريڪا کي پنهنجي ڪرنسي جي عالمي حيثيت سبب اهڙا فائدا حاصل آهن جيڪي ٻين ملڪن کي حاصل ناهن. جڏهن آمريڪا جنگي خرچن لاءِ قرض جاري ڪري ٿو يا نوان بانڊ جاري ڪري ٿو ته دنيا جا سيڙپڪار ۽ حڪومتون انهن کي خريد ڪن ٿيون. ان سان آمريڪا کي وڏي پيماني تي سرمايو ملي وڃي ٿو، جنهن سان جنگي خرچن کي برداشت ڪرڻ سولو ٿي وڃي ٿو.

ان کان علاوه آمريڪا جو دفاعي بجيٽ پڻ دنيا ۾ سڀ کان وڏو آهي. موجوده اندازن موجب آمريڪا جو ساليانو دفاعي خرچ 800 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان گهڻو وڌيڪ آهي. ان جي مقابلي ۾ ايران جو دفاعي بجيٽ لڳ ڀڳ 10 ارب ڊالر جي ويجهو ٻڌايو وڃي ٿو. هي وڏو فرق ظاهر ڪري ٿو ته ٻنهي ملڪن جي فوجي ۽ معاشي صلاحيتن ۾ ڪيترو وڏو تفاوت موجود آهي.

آمريڪا جي فوجي طاقت جو هڪ ٻيو اهم عنصر ان جا عالمي اتحاد ۽ فوجي اڏا آهن. آمريڪا وٽ دنيا جي مختلف علائقن ۾ فوجي اتحاد، لاجسٽڪ نيٽ ورڪ ۽ فوجي اڏا موجود آهن. اهڙي نظام سان ڪڏهن ڪڏهن جنگي خرچن جو بار مڪمل طور هڪ ملڪ تي نه پر اتحادي ملڪن جي وچ ۾ ورهائجي ويندو آهي.

ساڳئي وقت جنگ جي معاشيات ۾ فوجي صنعت جو ڪردار پڻ اهم آهي. ڪيترائي ماهر دليل ڏين ٿا ته جديد جنگن ۾ military-industrial complex يعني فوجي صنعت ۽ حڪومتن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا پيدا ٿين ٿا. جنگ دوران ميزائل، جهاز، ۽ دفاعي نظام جي طلب وڌي ٿي، جنهن سان دفاعي ڪمپنين کي اربين ڊالر جا معاهدا ملن ٿا. نتيجي طور جنگ صرف فوجي مسئلو نه رهي ٿي پر هڪ معاشي سرگرمي پڻ بڻجي وڃي ٿي. تنهن هوندي به ڪيترائي معاشي ۽ فوجي ماهر خبردار ڪن ٿا ته جديد جنگن جو وڌندڙ خرچ مستقبل ۾ هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن سستا ڊرون ۽ ميزائل وڏي مقدار ۾ استعمال ٿيڻ لڳن ته دفاعي نظامن جو خرچ ۽ ميزائلن جو ذخيرو ٻنهي تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ جنگ صرف فوجي طاقت جو امتحان نه رهندي پر اقتصادي برداشت جي آزمائش پڻ بڻجي ويندي.

جديد دنيا ۾ جنگ جي حقيقت شايد اها آهي ته ميزائل ميدان ۾ فائر ٿين ٿا، پر انهن جي پٺيان بيٺل معاشي نظام ئي جنگ کي جاري رکڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو. ايران جهڙا ملڪ سستي ٽيڪنالاجي ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار استعمال ڪري معاشي عدم توازن پيدا ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪن ٿا، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي وڏي معيشت، عالمي ڪرنسي، ۽ مالي نظام جي طاقت سان مهانگيون فوجي مهمون برداشت ڪرڻ جي قابل رهي ٿو. پر مستقبل جي جنگن بابت هڪ اهم سوال اڃا به کليل آهي ڇا مستقبل ۾ معاشي طاقت جنگ جو فيصلو ڪندي يا سستي ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڊرون ۽ مصنوعي ذهانت روايتي فوجي برتري کي چيلينج ڪندي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.