سائين حمزي پنهور جو لاڏاڻو

تحرير: جميل چانڊيو

27 رمضان جي افطاري بعد جيئن ئي آئون روزمره جيان پنهنجي صحافتي ذميواريون نڀائڻ خاطر ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پهتس ته انتهائي ڏک ڀري خبر صحافي دوستن ٻڌائي ته ملير جو مور صحافي، اديب، دانشور، قومي ڪارڪن ۽ استاد سائين حمزو پنهور اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، ڪجهه گهڙين تائين اهڙي خبر ٻڌڻ بعد ڄڻ اعتبار ئي نه پيو اچي ته سائين حمزو پنهور هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ڪالهه شام سومر جي ڏينهن گهڻن ڏينهن کانپوءِ منهنجو فون تي سائين حمزو پنهور سان حال احوال ٿيو ۽ ٻڌايائين ته طبيعت جي لاچاري سبب گهران نڪري نٿو سگهان، اهڙا لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهيا

سنڌ جي حقيقي ترجمان روزاني عوامي آواز جي  شروعاتي  دور ۾ سائين حمزو پنهور، گل حسن ڪلمتي ۽ قاضي شاهه محمد ۽ مان عوامي آواز جي صفحي مورڙي جي ماڳ ۾ گڏجي ڪم ڪيو جنهن ۾ سائين حمزو پنهور ۽ گل حسن ڪلمتي اسان کي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان پڙهندڙن کي ڪراچي ٻهراڙي جي هڪ وڏي تاريخ هن صفحي ذريعي هفتيوار پڙهڻ لاءِ ملندي هئي. هي اهو دور هو جڏهن روزاني عوامي آواز لياري مان نڪرندي هئي ۽ آفيس ۾ ويهڻ جي گنجائش گهٽ هوندي هئي تنهن ڪري اسين چارئي ٻاهر ڪنهن بينچ يا ڀرپاسي واري هوٽل تي ويهي مضمون ترتيب ڏيندا هئاسين.

حمزو پنهور قومي تحريڪ جو پڻ سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو. سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر ۽ شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد ۾ سندس فرنٽ مين وارو ڪردار رهيو، لساني فسادن کان وٺي ڌارين جي ڪراچي تي يلغار ۽ ڌاري آبادڪاري جي وڏن منصوبن بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي سميت سنڌ مٿان هر ان محاذ تي پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريو جيڪو ڌرتي خلاف هو سندس 40 سالا جدوجهد هڪ تاريخ رقم ڪئي سنڌ ۾ آدمشماري ۽ ڳڻپ واري مسئلي تي سائين حمزو پنهور جو ڪردار جتي ساراهه جوڳو هو اتي سندس موقف سنڌ دوست هو گذريل پنجن سالن کان حمزو پنهور دل جي عارضي باوجود قومي جدوجهد واريون سرگرميون جاري رکيون، ڌاري آبادڪاري خلاف جڙندڙ ڌرتي ڌڻي الائنس جو پڻ مرڪزي طور تي ترجمان رهيو

حمزو پنهور جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن سندس خال ڀرجڻ ڏکيو آهي سائين حمزو پنهور جون آخري رسمون اڄ ملير جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي ۾ ادا ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.