وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران ايراني شاهد ڊرون گهٽ قيمت هوندي به انتهائي خطرناڪ هٿيار طور سامهون آيا آهن، جيڪي وڏي پيماني تي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري دفاعي نظامن لاءِ وڏو چيلنج بڻجي چڪا آهن.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب شاهد ڊرون نه رڳو گهٽ قيمت وارا آهن پر انهن کي اهڙي انداز ۾ تيار ڪيو ويو آهي جو ڏکئي جنگي ماحول ۾ به پنهنجي هدف تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اهي ڊرون خاص طور تي وچ اوڀر جي تازي جنگ ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهيا آهن.
رپورٽن موجب انهن ڊرونز ۾ انرشيل نيويگيشن سسٽم (INS) لڳايو ويو آهي، جيڪو انهن کي GPS کان سواءِ به اڏام جاري رکڻ جي قابل بڻائي ٿو، اهو نظام ڊرون کي اليڪٽرانڪ جامنگ باوجود درست رخ تي هلڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جنهن ڪري انهن کي روڪڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته شاهد ڊرون پهريان ئي پنهنجي هدف جو هنڌGPS ذريعي محفوظ ڪري وٺندا آهن ۽ پوءِ جامنگ کان بچڻ لاءِ آف لائن اڏام ڪندا آهن، هدف جي ويجهو پهچڻ کان پوءِ اهي ٻيهر GPS سان ڳنڍجي وڃن ٿا، جنهن سبب حملي جي درستگي وڌي وڃي ٿي.
آمريڪي جاچ ادارن موجب ڪجهه شاهد جهڙا ڊرون جديد اينٽي جامنگ اينٽينا ٽيڪنالاجي سان ليس آهن، جيڪي انهن کي اليڪٽرانڪ مداخلت باوجود اثرائتو ڪم ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿا.
اهي ڊرون هلڪي وزن واري پلاسٽڪ ۽ فائبر گلاس مان تيار ڪيا وڃن ٿا، جنهن ڪري اهي ريڊار جي نظر کان بچندي گهٽ اوچائي تي اڏام ڪري سگهن ٿا، انهن خاصيتن سبب انهن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي نشانو بڻائڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
You might also like