پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اي سي پي جي اختيارن تي حملو آهي: شهباز شريف

ڪراچي ( رپورٽر )  پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تيحملو قرار ڏنو آهي. ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ هڪ صوبي جي عدالت آهي، اها سڄي ملڪ جو فيصلو ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ لڳي ٿو انصاف جي ترازي لاڏلي ڏانهن ڌڪي پئي وڃي. شهباز شريف چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن بابت حقيقتن تي ٻڌل فيصلو ڏنو آهي. صدر مسلم ليگ (ن) چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اليڪشن جي اختيارن تي حملي جي برابر  آهي، پوري قوم عدالت مان انصاف جي اميد رکي ٿي، اسان 18 مهينن دوران ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي ڊفالٽ کان بچايو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ڊفالٽ ڪري ها ته اها انتهائي خوفناڪ صورتحال هجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.