لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چونڊ نشان واري معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي آئيني اختيار تي حملو آهي، جعلي ۽ فراڊ واري انٽرا پارٽي اليڪشن کي حلال قرار ڏنو ويو آهي. مريم نواز چيو ته نه ووٽر، نه ووٽر لسٽون، نه اليڪشن ڪمشنر، نه اليڪشن وڙهڻ جي اجازت، پر سڀ ڪجهه حلال آهي؟ ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪندڙ پنهنجي پارٽيءَ ۾ ڪنهن کي به ليول پيلئنگ فيلڊ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ن ليگ اڳواڻ چيو ته 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري تاريخ ورجائي وئي، جنهن قوم جو مينڊيٽ چوري ڪيو ان پنهنجي پارٽي جو مينڊيٽ به چوري ڪيو.