ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اڳوڻي صدر ۽ بزنس مين گروپ جي چيئرمين محمد زبير موتي والا جي اڳواڻي ۾ واپاري برادري جي وفد پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل اظهر وقاص سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ واپاري برادري کي امن امان جي حوالي سان درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ترجمان موجب ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، ڊي جي رينجرز (سنڌ) چيو ته واپاري برادري ملڪي معيشت جو مضبوط ستون آهي، ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي ۽ پرامن حالتون ئي معاشي ترقي جي ضامن آهن. سنڌ رينجرز ڪراچي ۾ واپاري برادري جي هر ممڪن سيڪيورٽي ۽ تعاون کي يقيني بڻائيندي. ڊي جي رينجرز (سنڌ) پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان انڊسٽريل ايريا ۽ ٻين ڪمرشل علائقن ۾ واپاري برادري کي درپيش سيڪيورٽي مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
ٽيهه لک پاڪستاني هاءِ بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا
ڪراچي (م ڊ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر ۾ پاڪستان جا 30 لک ماڻهو مبتلا آهن، ڊاڪٽرن ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 45 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورتن جي آبادي هن مرض ۾ مبتلا جڏهن ته 18 کان 29 سالن جي عمر جي نوجوانن ۾ 23 سيڪڙو اهو مرض آهي جيڪو غير صحتمند غذائي عادتن ۽ گهٽ ورزش سبب ٿئي ٿو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ صحتمند خوراڪ جو استعمال، سار سنڀال ۽ رنڊ روڪ لاءِ عوامي آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي.
پرڏيهي هوٽل تي ڌماڪي جو منصوبو جوڙيندڙ جوابدار کي 7 سال ٽيپ
ڪراچي (م ڊ) ڪلفٽن ۾ پرڏيهي هوٽل تي ڌماڪي جو منصوبو ٺاهيندڙ جوابدار کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو، هن ڪلفٽن ۾ پرڏيهي هوٽل تي ڌماڪو ڪرڻ جي سازش ڪئي هئي، ترجمان ٻڌايو ته سي ٽي ڊي هٿان گرفتار جوابدار کي عدالت 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، سزا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻڌائي وئي.