پ پ پاران چونڊ منشور جو اعلان، بلاول عوام سان 10 واعدا ڪري ورتا

لاڙڪاڻو : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ منشور جو اعلان ڪندي عوام سان 10 واعدا ڪيا آهن. ڳڙهي خدابخش ۾ بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته سڀ کان پهرين سندس حڪومت هر پاڪستاني جي آمدني ٻيڻي ڪرڻ جو پروگرام ڏيندي جنهن تي 5 سالن ۾ عمل ٿيندو. بلاول اعلان ڪيو ته  300 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي، پاڪستان پيپلز پارٽي بُک جي خاتمي جو پروگرام شروع ڪندي، هر ڊويزن ۾ ”يوٿ سينٽر“ ٺاهياويندا، هارين لاءِ بينظير انڪم سپورٽ وانگر ”هاري ​​ڪارڊ“ ڏينداسين جڏهن مزدورن لاءِ ”منفرد ليبر ڪارڊ“ ٺاھينداسين. بلاول چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ واڌ ڪئي ويندي، سڄي ملڪ ۾ مفت علاج جو نظام ٺاهينداسين، حڪومت ٺهندي ته غريبن لاءِ 30 لک گهر ٺاهينداسين، هر ٻار کي تعليم جي سهولت ملندي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اڄ به ڪجهه ماڻهو ٻين جي ڪلهن تي ويهي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام 8 فيبروري تي تير جي نشان سان ميڊيا تي ٿيندڙ ڊرامي جو جواب ڏيندو، پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪري رهيا آهن.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.