بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض داخل

لاهور ( م ڊ ) نون ليگ جي اڳواڻ مريم نواز جي پنجاب جي تڪ پي پي 80 تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض واريو ويو آهي. شهري  پاران داخل ڪرايل اعتراض ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذن تي مريم نواز جي اصل صحيح ٿيل نه آهي. هڪ شهري پاران داخل ڪرايل اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته نامزدگي فارمن تي جعلي صحيح ٿيل آهي، مريم نواز سزايافته به آهي،درخواست ۾ مريم نواز کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري جي اين اي 127 لاهور تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي به اعتراض ڪيو ويو آهي، هڪ شهري پنهنجي درخواست ۾ اعتراض ڪيو آهي ته نامزدگي ڪاغذن ۾ بلاول پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين سان وابستگي ظاهر ڪئي آهي.پاڪستان پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان تلوار ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽيرن جو نشان تير آهي، ٻن جماعتن جو ميمبر هجڻ اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.