ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۾ هڪ ڄڻو فوت، 5 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو،فائرنگ ۾ 5 زخمي ٿي پيا، بن قاسم ٿاڻي  جي علائقي شاھ ٽائون حافظ بيڪري جي ڀرسان روڊ تان 30 سالن جي نوجوان دانش ولد شاھ مير جو لاش مليو، ماڊل ڪالوني جي علائقي ۾ ڦر دوران مذاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ منشاءِ ولد عبدالغني زخمي ٿي پيو، پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي حد پاڪ ڪالوني جي علائقي بڙا بورڊ سر سيد ڀرسان چمن سئنما ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ ظفر ولد الله وسايو زخمي ٿي پيو، سپر ھاءِ وي تي نيو سبزي منڊي جي گيٽ نمبر  هڪ ڀرسان فائرنگ ۾ عمران ولد فتح شير ۽ الياس ولد اعجاز  زخمي ٿي پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.