اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) 28 جون 2009ع تي رات جو 12 وڳي منهنجي والد ڊاڪٽر دين محمد بلوچ کي اسپتال مان ڊيوٽي دوران کنڀي گم ڪيو ويو، 11 سالن جي عمر ۾ ” جبري گمشدگي“ جا لفظ ٻڌا ۽ انهن لفظن جي معنيٰ سمجهه ۾ آئي. 15 سال اڳ کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي نياڻي سميع الدين بلوچ نامياري صحافي عمر چيمه کي انٽرويو ڏيندي چيو ته 15 سالن کان مسلسل بابا جي آزادي لاءِ ڏينهن رات جهر جهنگ ڀٽڪي رهي آهيان پر انصاف نٿو ملي. 4 حڪومتون تبديل ٿي چڪيون آهن، اسلام آباد ڏانهن 4 لانگ مارچ ڪيا آهن پر ڪو به ڳالهائڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان کي ملڪ جو شهري تسليم نٿو ڪيو وڃي، 2016ع ۾ گوادر مان کنڀي اکين تي پٽيون ٻڌي گم ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون کي آزاد ڪيو ويو، اسان جو خوشحال ۽ روشن گهر بابا جي کنڀجي وڃڻ کانپوءِ اونداهو ٿي ويو آهي. هينئر به اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون پر ڪو به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، الٽو تشدد ڪري هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ ٻارڙن ۽ جهور عورتن کي زوريءَ بسن ۾ ويهاري واپس ڪيو پيو وڃي. دهشتگرد ته ناهيون جو لٺيون هنيون پيون وڃن، رياست اسان کي پنهنجو شهري تسليم ڇو نه ٿي ڪري، قانون ۽ آئين موجب ٻين صوبن جيان حق ڇو نٿا ڏنا وڃن ڇو ڪير اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. گذريل حڪومت ۾ گهرو وزير اڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ خاطري ڪرائي ته کنڀي گم ڪيل قتل نه ڪيا ويندا. ٽن مهينن اندر واپس ڪرايا ويندا. پر اهو واعدو به وفا نه ٿيو، چاهيون ٿا ته اسان سان ڳالهيون ڪيون وڃن،مسئلا ٻڌا وڃن، ملڪ جو شهري تسليم ڪيو وڃي. صرف عدليا مان اميد آهي. اسان جا ڪيترائي، ڊاڪٽر، دانشور، صحافي، شاعر ۽ لکيل پڙهيل ماڻهون کنڀي گم ڪيا ويا آهن، ڪيترن جا ته چچريل لاش ڏنا ويا آهن، ٻڌايو نه ٿو وڃي ته آخرڪار اسان جو گناهه ڪهڙو آهي.جيڪڏهن ڪن تي الزام آهي يا ڪنهن ڏوهه ۾ گهربل آهي ته ان کي عدالت ۾ ڇو نٿو آندو وڃي. لٺين وسائڻ ۽ گرفتار ڪرڻ سان ته مسئلا حل نه ٿيندا. چاهيون ٿا ته ڳالهيون ڪيون وڃن، مسئلا ٻڌا وڃن ۽ جيڪي حل طلب مسئلا آهن اهي حل ڪيا وڃن.