ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪندي پرڏيهي کي اغوا ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏکڻ آفريڪي ڄائي اموبي کي پئسن جي ڏيتي ليتي سبب اغوا ڪيو هو. رينجرز ترجمان موجب جوابدار کي سهراب ڳوٺ مان گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو. رينجرز ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڏوهاري جو پتو لڳايو ويو. ترجمان موجب عوام کي اپيل آهي ته اهڙن ڏوهارين بابت رينجرز کي اطلاع ڏين.