ڪراچي ( رپورٽر ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل جعلي بئنڪ اڪائونٽ ٺاهي شهرين کان فراڊ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي مراد موجب سندس نگراني ۾ ڪارروائي ڪري بينڪنگ فراڊ ۾ ملوث جوابدار محمد فياض کي گرفتار ڪيو ويو. علي مراد جو چوڻ آهي ته جوابدار خانگي بئنڪ ۾ جعلي اڪائونٽ ٺاهڻ ۾ ملوث هو، جوابدار نجي بئنڪ جي عملي جي سهڪار سان شڪايت ڪندڙ جي نالي تي جعلي بئنڪ اڪائونٽ ٺاهيا، جوابدار جعلي چيڪ بڪ حاصل ڪري مختلف رقمن جا چيڪ جاري ڪيا. جنهن بعد عدالت جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار محمد فياض خلاف 2020ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، گذريل 2 سالن کان روپوش جوابدار کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.