اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان ڏيڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ۾ ڊگهو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اڄ ٻيهر اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.