ملڪ ۾ صنعتن لاءِ گئس سستي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف پاڪستان طرفان گئس تي لاڳو ليـوي گهٽائڻ جي تجويز تي مشروط طور اتفاق  ڪري ورتو، جنهن بعد صنعتي واهيپدارن لاءِ گئس سستي ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف صنعتي واهيپدارن لاءِ گئس جي قيمت گهٽائڻ واري تجويز سان اتفاق ڪيو آهي، جنهن سان ڪيپٽو پاور پلانٽن تي لاڳو ليـوي ۾ 30 کان 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف توانائي واري وزارت طرفان پيش ڪيل گئس ليـوي جي نئين فارمولي سان به اتفاق ڪيو، جنهن تحت هاڻي ٽيرف اوسط بنيادن تي مقرر ڪيو ويندو، اها شرط به لاڳو ڪئي وئي آهي ته نيشنل گرڊ مان بجلي جي گهرج گهٽ نه ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن گهرج گهٽجي وئي ته ليـوي ٻيهر وڌائي سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.