پي آءِ اي ۾ وڏو فراڊ ٿيو، نجڪاري غير شفاف ۽ غير قانوني آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي نجڪاري واري عمل کي غير شفاف ۽ غير قانوني قرار ڏيندي ان تي وائٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي  پي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ جا ٽي وڏا هوائي اڏا سڀني ايئرلائنن کي ڏئي ڇڏيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز ليبر بيورو جي انچارج چوڌري منظور احمد چيو ته حڪومتي دستاويزن مان ثابت ڪنداسين ته پي آءِ اي ۾ ڪيڏو وڏو فراڊ ٿيو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي وڪري لاءِ نه پارليامينٽ کان منظوري ورتي وئي ۽ نه ئي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي اعتماد ۾ ورتو ويو. چوڌري منظور موجب، پي آءِ اي کي 135 اربن ۾ وڪرو ڪيو ويو پر حڪومت جي کاتي ۾ رڳو 10 ارب رپيا آيا، جڏهن ته 6 ارب رپيا رڳو نجڪاري جي ڪنسلٽنٽ کي فيس طور ڏنا ويا آهن. پي پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جا 34 جهاز وڪرو ڪيا ويا، جڏهن ته رڳو پشاور واري آفيس جي قيمت 20 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. هن الزام هنيو ته نجڪاري جو سڄو عمل شڪي آهي، جنهن ۾ عالمي ملڪيتون به وڪرو ڪيون ويون آهن. هن جو چوڻ هو ته 2024ع ۾ 12 جهازن تي 26 ارب رپين جو منافعو ٿيو هو، پر اداري کي تباهه ڪرڻ ۾ ورڪرن جو ڪو به عمل دخل ناهي، اها بيوروڪريسي جي نااهلي هئي. هن انڪشاف ڪيو ته هيٿرو ايئرپورٽ لاءِ هڪ ڏينهن ۾ ٽن مهينن جي ايڊوانس بڪنگ ٿي چڪي هئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ادارو منافعي بخش هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.