مستونگ ( م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام جي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري مطالبو ڪيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، بلوچ عورتن جا مطالبا جائز آهن. مستونگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ملڪ جي آئين ۾ هر شهري کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي حقن لاءِ جمهوري طريقي سان آواز اٿاري ۽ بلوچ احتجاج ڪندڙ به اهو ئي آئيني حق استعمال ڪيو آهي. هن چيو ته بلوچ عورتن جي طريقي سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر سندن مطالبا جائز آهن، جي يو آءِ هميشه انهن مطالبن جي حمايت ڪئي آهي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ آواز اٿاريو آهي. عبدالغفور حيدري چيو ته اليڪشن منصفاڻي، شفاف ۽ غيرجانبداريءَ سان ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن 2018ع جي تاريخ کي ٻيهر اليڪشن ۾ ورجايو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام پنهنجي من پسند اميدوارن کي ووٽ ڏئي ٿو، پر عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويندو آهي.