ڇا بلوچ مظاهرين اڏن تي حملو ڪيو؟ ڪجهه مظاهرين کي ته هنج ۾ ويهاريندا آهيو: عدالت

اسلام آباد ( م ڊ )  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جي گرفتاري واري ڪيس ۾ 34 بلوچ شاگردن جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران ايس ايس پي آپريشن اسلام آباد  عدالت ۾ پيش ٿيو. بلوچ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جي وڪيل وڪيل عطاءُ الله ڪنڊي دليل ڏيندي چيو ته بلوچ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ جڏهن اسلام آباد پهتا ته کين گرفتار ڪيو ويو، واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو ۽ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا بلوچ مظاهرين گرفتار آهن؟ وڪيل عطاءُ الله ڪنڊي جواب ڏنو ته 34 بلوچ مظاهرين اڃا تائين پوليس جي حراست ۾ آهن، رڪارڊ موجب 196 بلوچ گرفتار ٿيا، جن مان 162 ضمانت تي آهن، احتجاج ڪندڙن مان ظهير بلوچ جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو ناهي مليو. عدالت ايس ايس پي آپريشنز کي چيو ته احتجاج سان منهن ڏيڻ جي پاليسي هڪ جهڙي هئڻ گهرجي، ڪجهه مظاهرين کي توهان هنج ۾کڻي ويندا آهيو، ڪنهن سان وري اهڙو روتاءُ ڪندا آهيو، جيڪڏهن ايس ايس پي جا هٿ ٻڌل آهن ته گهرو سيڪريٽري کي گهرائي ٿا وٺون، اسان کي ڪو دشمن نه کپي، اسان پاڻ ئي پنهنجا ئي دشمن آهيون. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد ۾ مظاهرين کي ريڊ زون ۾ به پيمپر ناهي ڪيو ويندو، ڪجهه حڪمن تي پوليس طرفان مظاهرين کي تحفظ ڏنو ويندو آهي، ڇا بلوچ مظاهرين اڏن تي حملو ڪيو؟ ايس ايس پي آپريشنز عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل 34 بلوچن جي سڃاڻپ پريڊ مئجسٽريٽ کي ڪرڻي آهي. درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته آءِ جي اسلام آباد جي بيانن ۾ تضاد آهي، انهن بيانن تي رپورٽ طلب ڪئي وڃي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته ظهير بلوچ جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، مچلڪا جمع نه ٿيڻ تي کيس آزاد ناهي ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 34 بلوچ شاگردن جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد پوليس کان عورت بلوچ مظاهرين بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.