سيٺارجا ڀرسان ٻن وينن ۾ ٽڪر، هڪ فوت، ڪيترائي زخمي

سيٺارجا (رپورٽ: علي نثار آرائين) شھدادپور کان ڳڙهي خدا بخش محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي لاءِ نڪتل وين جو ڊوم گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو، ويگن ڊرائيور محمد جان فوت ٿي ويو، 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، شهدادپور کان ڳڙهي خدا بخش بينظير ڀٽو جي ورسي تي ويندڙ وين جو سيٺارجا ڀرسان مهراڻ هاءِ وي پير ٻڍڙو اسٽاپ وٽ چونڊڪو کان ڪراچي ويندڙ ڊوم گاڏي سان آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ وين جو ڊرائيور محمد جان فوت ٿي ويو، جڏھن ته 30 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا جن کي ريسڪيو ٽيمن پهچي علاج لاءِ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو زخمين ۾ محمد سليم، غلام مرتضا، الھي بخش، ريافت، نور محمد، الھڏتو، مير گلاب ٽالپر،  نادر خان دزڪاڻي، خدا بخش، شھباز، شھمير، شوڪت، محمد جھان، انور علي، بابر بروھي، نديم دزڪاڻي، مير ۽ ڪوڏيجي واسي عقيلا، قرت العين، برڪت، مونا ميرجت ۽ راڻيپور واسڻ زاهدا ڀٽي ۽ ٻيا زخمين ۾ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.