احتجاج ڪندڙ بلوچن جي جائز مطالبن تي عمل لاءِ يقين ڏياريو ويو آهي: مردان ڊومڪي

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير مردان ڊومڪي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن جي جائز مطالبن تي عملدرآمد  لاءِ پڪ ڏياري وئي آهي. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير مردان ڊومڪي جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل چيف گهرو ۽ قبائلي معاملن بابت سيڪريٽري زاهد سليم بريفنگ ڏني. مير مردان ڊومڪي هدايت ڪئي ته امن امان جي بحالي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي جڏهن ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ڌرڻي تي غور لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته با لاچ بلوچ واقعي جي جاچ لاءِ الڳ ڪميٽيون به قائم ڪيون ويون آهن. بلوچستان جي نگران وڏي وزير چيو ته ڌرڻن جي جائز مطالبن تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو ويو آهي، هو قانون موجب مفاهمت سان مسئلا حل ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته بامقصد ڳالهين ۽ ڳالهين لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.