ٿولهه يا جسماني وزن جي واڌ شگر ۽ بلڊ پريشر سميت مختلف مسئلن جو سبب بڻبي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجو وزن گهٽائڻ يا برقرار رکڻ لاءِ مختلف طريقن تي عمل ڪندا رهندا آهن جڏهن ته حد کان وڌيڪ ٿولهه جو شڪار ماڻهن کي مختلف قسمن جي سرجريز واري مرحلن مان به گذرڻو پوندو آهي، پر سائنسدانن هڪ اهڙو ڪيپسيول تيار ڪيو آهي جنهن جي مدد سان وڌيل وزن واري ماڻهن جو وڏو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.