مٺي:اديب ۽ دانشور جامي چانڊيو پنهنجي سماجي ويب سائيٽ تي لکيو آهي ته ڪارونجھر ۽ ننگر سنڌ جو فطري،ثقافتي ۽ تاريخي ورثو آھي،ان خلاف سموريون سازشون ۽ رٿائون مجرماڻيون آھن،سنڌ جو اجتماعي شعور ھر سطح تي انجي سخت مزاحمت ڪندو،سنڌ جي وطن دوست سياسي پارٽين ۽ باشعور ماڻھن کي به اھو معاملو اوليت جي بنيادتي کڻڻ گھرجي،
-
حڪومت ڪارونجهر ڪيس کٽڻ لاءِ مهانگو وڪيل مقرر ڪري ڇڏيو
مٺي(بيورو چيف)ڪارونجھر جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ وڙهڻ نگران حڪومت پريشان ٿي وئي،سنڌ حڪومت لکين روپيا فيس وٺندڙ ڪراچي جي وڏي وڪيل کي ڪيس سونپي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل سميت سرڪاري وڪيل عدالت ۾ اچڻ کان لنوائڻ لڳا آهن،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته سرڪاري وڪيل ڪارونجهر جو ڪيس ڏسي گهٻرائجي ويا آهن